Maula Ali رَضِیَ اللہُ عنہ Ke Jannati Baghaat

Book Name:Maula Ali رَضِیَ اللہُ عنہ Ke Jannati Baghaat

آهي:

تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّاۤ اَرْضَعَتْ وَ تَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَ تَرَى النَّاسَ سُكٰرٰى وَ مَا هُمْ بِسُكٰرٰى وَ لٰكِنَّ عَذَابَ اللّٰهِ شَدِیْدٌ(۲) (پارو: 17،سورة حج: 2)

ترجموڪنزالعرفان: هر کير پياريندڙ پنهنجي کير پيئندڙ ٻار کي وساري ويهندي ۽ هر حمل واري پنهنجو حمل ڪيرائي وِجَهندي ۽ تون ماڻهن کي ڏسندين جهڙو نشي ۾ آهن جڏهن ته اُهي نشي ۾ نه هوندا پر الله جو عذاب وڏو سخت آهي.

ٻڌو! هِن کان پوءِ اهڙو ڏينهن (يعني قيامت) آهي جنهن کان وڌيڪ سخت ڪو ڏينهن نه آهي. ان ڏينهن جهنم ڀڙڪي رهيو هوندو، ان جي گرمي شديد هوندي ۽ ان جي گهرائي تمام گهڻي آهي. ان جهنم جو زيور لوهه جا  گُرز  ۽  ان جو پاڻي پُونءِ  آهي. ان ۾ الله پاڪ جي رحمت جو ڪو حصو نه آهي. اِهو ٻڌي ماڻهو تمام گهڻو رُنا پوءِ پاڻ رضي الله عنه فرمايو: ان کان پوءِ به هڪ ڏينهن آهي. (جنهن جي باري ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:)

وَ  سَارِعُوْۤا  اِلٰى  مَغْفِرَةٍ  مِّنْ  رَّبِّكُمْ  وَ  جَنَّةٍ  عَرْضُهَا  السَّمٰوٰتُ  وَ  الْاَرْضُۙ-اُعِدَّتْ  لِلْمُتَّقِیْنَۙ(۱۳۳)

(سيپارو: 4، سورة آل عمران: 133)ترجموڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي رب جي بخشش ۽ ان جي جنت ڏانهن ڊوڙو جنهن جي چوڙائي آسمانن ۽ زمين جي برابر آهي. اها پرهيزگارن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.

الله پاڪ اسان کي ۽ توهان کي جنت ۾ داخل ڪري ۽ دردناڪ عذاب