Share this link via
Personality Websites!
يعني ايمان وارا ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارا جيڪي آهن، انهن جي لاءِ طوبيٰ آهي ۽ بهترين ٺڪاڻو آهي.
هي طوبيٰ ڇا آهي؟ ان بابت روايت ٻڌو! حضرت ابوجعفر رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: رسولِ رحمت، شفيع اُمت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي خدمت ۾ سوال ٿيو: يا رسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ! هن آيت ۾ طوبيٰ جو مطلب ڇا آهي؟ فرمايائون: هي هڪ وَڻُ آهي، جنهن جون پاڙون منهنجي (جنتي) محل ۾ ۽ شاخون جنت جي سمورن محلن ۾ پکڙيل آهن.
اِهو موقعو گذري ويو، هڪ دفعو ٻيهر پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي خدمت ۾ ساڳيو سوال ٿيو، هن ڀيري پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: طوبيٰ جنت ۾ هڪ وڻ آهي، جنهن جون پاڙون علي المرتضيٰ رضي الله عنه جي (جنتي) محل ۾ ۽ شاخون سڄي جنت ۾ ڦهليل آهن.
صحابهءِ ڪرام رضي الله عنهم عرض ڪيو: معاملو سمجهه ۾ نه آيو، پهريان ارشاد ٿيو هو ته طوبيٰ وڻ جون پاڙون اوهان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي جنتي محل ۾ آهن، هاڻي ارشاد ٿيو ته ان جون پاڙون علي المرتضيٰ رضي الله عنه جي جنتي محل ۾ آهن، ان جو مطلب ڇا آهي؟ پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: اِنَّ دَارِیْ وَ دَارَ عَلِیٍّ غَدًا فِی الْجَنَّۃِ وَاحِدَةٌ يعني بيشڪ جنت ۾ منهنجو ۽ علي جو محل هڪ ئي جاءِ تي هوندو. [1]
عاشقِ مصطفیٰ مرتضیٰ، مرتضیٰ سیدُ الاولیا مرتضیٰ، مرتضیٰ
ہیں خائفِ خُدا مرتضیٰ، مرتضیٰ متقی پارسا مرتضیٰ، مرتضیٰ
شہرِ علم کے ہیں باب مرتضیٰ، مرتضیٰ بُو الحسن بُو تراب مرتضیٰ، مرتضیٰ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami