Book Name:Aarzi Thikana
آهي جيئن ڪو مسافر سخت گرمي جي ڏينهن سفر ڪري رهيو هجي، ان دوران هو ڪنهن وڻ هيٺان ترسي، ڪجهه دير آرام ڪري، پوءِ پنهنجي راهه تي هليو وڃي. ([1])
ہے چٹائی کا بچھونا، کبھی خاک ہی پہ سونا
کبھی ہاتھ کا سرہانا مَدَنی مدینے والے!
تری سادگی پہ لاکھوں، تری عاجزی پہ لاکھوں
ہوں سلامِ عاجزانہ مَدَنی مدینے والے!([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اها حقيقت آهي ته اسان سڀ مسافر آهيون. هيءَ دنيا ڄڻ ته رڻ پٽ جي وچ ۾ هڪ وڻ وانگر آهي، جتي مسافر ايندا آهن، ٿوري دير لاءِ ترسندا آهن ۽ پوءِ پنهنجي اصل منزل (آخرت) ڏانهن روانا ٿي ويندا آهن. ڇا ڪو مسافر سفر دوران ڪنهن عارضي جاءِ سان دل لڳائيندو آهي؟ اسين به زندگي (Life) ۾ سفر ڪندا رهندا آهيون، ڪڏهن ائين ٿيو جو اسان سفر تي هجون، رستي ۾ ڪو تمام خوبصورت مقام (Beautiful Location) اچي ته اسان اتي ئي دل لڳائي ڇڏي هجي ته بس هاڻي گهر ناهي وڃڻو، هاڻي زندگي هتي ئي گذارڻي آهي؟ يا رستي ۾ کاڌو وغيره کائڻ لاءِ ڪنهن هوٽل تي رڪيا هجون ته اتي ئي دل لڳائي ويٺا هجون؟ نه...!! ائين ناهي ٿيندو. مسافر دورانِ سفر ڪيترائي خوبصورت مقام ڏسندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن هوٽلن وغيره ۾ ترسندو آهي ته گهر جي نسبت وڌيڪ آرام(Comfortable) محسوس ڪندو آهي، ان جي باوجود هو اتي دل ناهي لڳائيندو، اتي جي