Aarzi Thikana

Book Name:Aarzi Thikana

اللهُ اڪبر! هي حقيقت (Reality)  آهي. جڏهن اسان فاني آهيون، هڪ ڏينهن قبر ۾ لهڻو ئي لهڻو آهي، نه ڄاڻ اسان جي قبر جنت جو باغ هوندي يا مَعَاذَ اللهِ! جهنم جو کڏو بڻجي ويندي. جڏهن معاملو اهڙو آهي ته تڪبر ڪرڻ، آڪڙ ڪرڻ ۽ فخر و غرور وغيره ۾ پوڻ جو ڇا فائدو...!! بس مٿو جهڪائي! عاجزي و انڪساري(Humbleness)  سان، جيڪو ڪجهه الله پاڪ ڏنو آهي، ان تي راضي رهندي، حرص ۽ هَوس کان بچندي زندگي گذاري وٺون. ان ۾ ئي عافيت آهي، ان ۾ ئي اسان جي بهتري (Betterment) آهي.

دنیا فانی ہے اہلِ دنیا فانی                                                                                          شہر و بازار و کوہ و صحرا فانی

دل شاد کریں کس کے نظَّارہ سے حسنؔ                        آنکھیں فانی ہیں یہ تماشا فانی([1])

سپه سالار جي آڪڙ نڪري وئي

هڪ تمام ظالم حڪمران (Tyrant Ruler)  ٿي گذريو آهي: حجاج بن يوسف. ان جي فوج (Army) جو هڪ سپه سالار(Commander) هو، جنهن جو نالو هو: مُهَلّب. هڪ ڏينهن مُهَلّب ريشمي ڪپڙا پائي، آڪڙجي تڪبر سان هلي رهيو هو، حضرت مُطَرِّفْ بِنْ عبد الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ ان کي ائين تڪبر جي چال هلندي ڏٺو ته دل ۾ نيڪي جي دعوت جو جذبو بيدار ٿيو، تنهنڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ مُهَلّب جي ويجهو تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائين: اي خدا جا ٻانها! هلڻ جو هي انداز الله پاڪ جي ناپسنديده ماڻهن جو ۽ رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دشمنن جو آهي. مُهَلّب فوج جو سپه سالار هو، عهدي ۽ منصب جو نشو ان جي مٿي تي جادو جيان سوار هو، جڏهن ان ڏٺو ته هڪ شخص ان کي نصيحت ڪري رهيو آهي ته ڪاوڙ ۾ چيائين: ڄاڻو ٿا مان


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:303۔