Book Name:Aarzi Thikana
هر معاملي جو بنياد فنا تي رکو!
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هن دنيا ۾ مسافر آهيون، اسان جو مقصد دنيا سينگارڻ نه بلڪ پنهنجي رب ڪريم کي راضي ڪرڻ آهي. ان لاءِ اسان کي گهرجي ته هميشه، هر وقت، هر لمحي هي ذهن (Mind) ۾ رکون ته اسين فاني آهيون، تمام جلد اسان کي هن جهانِ فاني کان رخصت ٿيڻو آهي. پاڻ سوچيو! * جڏهن اسان فاني آهيون ته جهڳڙو ڪرڻ جو ڇا فائدو(Benefit) * جڏهن اسان فاني آهيون ته فخر ۽ تڪبر (Proud) ڪهڙي ڳالهه تي * جڏهن اسان فاني آهيون ته حسن، عقل ۽ پئسن وغيره تي آڪڙ جو ڇا فائدو * جڏهن اسان آهيون ئي فاني...! چاهي ڪجهه به ڪري وٺون، آخر هن دنيا مان وڃڻو ئي وڃڻو آهي ته هتي دل لڳائڻ جو ڇا فائدو * چاهي اسان جا فالوور لکين هجن يا ڪروڙين، مرڻو ته آهي، پوءِ حُبِ جاھ ۽ حُبِ مدح يعني نالي ۽ شهرت (Fame) جي محبت جو اسان ڇا ڪنداسين؟
هڪ ڀيرو شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه مدني مذاڪري لاءِ وڃڻ جي تياري فرمائي رهيا هئا، ان وقت ڪنهن اسلامي ڀاءُ موبائل تي سندن تصوير ڪڍي (موبائل تي جيڪا تصوير ڪڍي ويندي آهي، اها جائز آهي، جيستائين ان جو پرنٽ نه ڪڍيو وڃي ته اسلامي ڀاءُ سندن تصوير ٺاهي) ۽ کين ڏيکارڻ لڳو. اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه فرمائن ٿا: پنهنجي اها تصوير مون کي پياري لڳي، پوءِ گڏ ئي خيال آيو ته هي حسين چهرو هڪ ڏينهن قبر ۾ لهي ويندو. فرمائن ٿا: هي سوچيندي ئي منهنجين اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.