Book Name:Saadat Mand Kon
اسان جا بزرگانِ دين وقت جي ڪهڙي انداز ۾ قدر ڪندا هئا، ٻڌو! حضرت عثمان باقِلَّاوِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪثرت سان ذڪر الله ڪندا هئا، پاڻ فرمائن ٿا: افطار جو وقت مون تي تمام ڳرو هوندو آهي، مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ هاڻي روح نڪري ويندو. (کين ائين ڇو لڳندو هو، ٿورو توجهه سان ٻڌو! فرمائن ٿا) ڇو ته افطار ته ڪرڻو ئي آهي، ان ڪري ڪجهه نه ڪجهه کائڻو پوندو آهي ۽ ان دوران مان ذڪر الله کان محروم رهجي ويندو آهيان. ([1])
الله اڪبر! ڇا شان آهي...!! اندازو لڳايو! هي نيڪ ماڻهو وقت جا ڪيترا قدردان هئا، ڪجھ گهڙيون * فضول ڪمن ۾ نه * گناهن واري ڪمن ۾ نه * ڪرڪيٽ کيڏندي * گهٽيون بازارون گهمندي * موبائيل هلائيندي * سوشل ميڊيا وغيره تي فضول ڪمن ۾ رُڌل* فيس بڪ تي فضول ۾ اسڪرولنگ ڪندي * اجايون پوسٽون پڙهندي، غير ضروري بلڪه گناهن وارا وڊيوز ڏسندي * دنيا ڀر جا خبرنامه ٻڌندي نه بلڪه افطار جي وقت کاڌو کائيندي ذڪر الله کان محروم رهجي وڃڻ تي کين ايترو ڏک ٿيندو هو. ٻئي طرف اسان جو حال بيحال آهي، اسان جا ڪيترائي ڪلاڪ فضول ڪمن ۾ بلڪه گناهن واري ڪمن ۾ گذري ويندا آهن ۽ اسان کي ان جي فڪر تائين ناهي ٿيندي، اسان کي احساس تائين ناهي ٿيندو ته اسين پنهنجو ڪيترو قيمتي سرمايو ضايع ڪندا پيا وڃون.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا هي قيمتي لمحا به انمول هيرا آهن، ان ڪري انهن جي قدر ڪريو! علامه اِبن جوزي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا عالم دين ٿي گذريا آهن، هڪ دفعي پاڻ پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي فرمايائون: پٽ! ڄاڻي وٺو! هي ڏينهن گهڙين جو مجموعو آهن ۽ گهڙيون ساهن جو مجموعو آهن، ان ڪري هر ساهه هڪ قيمتي خزانو آهي، پٽ...!! بچجانءِ جو تنهنجا