Mah e Ramazan Aur Faizan e Muhabbat e Ilahi

Book Name:Mah e Ramazan Aur Faizan e Muhabbat e Ilahi

مومن  بهانا  ناهي ٺاهيندو 

پيارا اسلامي ڀائرو! مومن جو اهو شان نه آهي، مومن الله پاڪ جي قرب حاصل ڪرڻ جو شوقين هوندو آهي، ان راهه ۾ ڪڏهن به بهاني بازي نه ڪندو آهي. هڪ تمام خوبصورت روايت ٻڌو! حضرت سعيد بن جبير رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي، قيامت جو ڏينهن هوندو، الله پاڪ تمام اڳين ۽ پوين کي پنهنجي پاڪ بارگاهه ۾ جمع فرمائيندو، پوءِ اهي ماڻهو جيڪي دنيا ۾ شرڪ ڪندا هئا، الله پاڪ کان سواءِ ڪوڙا معبود ٺاهي ويٺا هئا، انهن جي ڪوڙن خدائن کي جهنم ۾ اڇلايو ويندو ۽ انهن مشرڪن کي حڪم ٿيندو (ڇاڪاڻ ته توهان پنهنجن انهن ڪوڙن خدائن سان محبت ڪندا هيؤ، قاعدو اهو آهي ته جتي محبوب هجي، مُحِب کي به اتي ئي هجڻ گهرجي، تنهنڪري) توهان به پنهنجن ڪوڙن خدائن وٽ جهنم ۾ هليا وڃو!

اللہُ اکبر!   هي ڪُوڙيون، فاني ۽ مجازي محبتون آهن، اِهي تمام جلد ختم ٿي وينديون آهن، قرآن ڪريم ۾ آهي: قيامت جي ڏينهن جڏهن مشرڪ عذاب ڏسندا ته چوندا:

وَ اللّٰهِ رَبِّنَا مَا كُنَّا مُشْرِكِیْنَ(۲۳) (سيپارو:7، سورة انعام: 23)

ترجمو ڪنزالعرفان: اسان کي پنهنجي رب الله جو قسم ته اسان هرگز مشرڪ نه هئاسون.

يعني دنيا ۾ جن سان محبتون ڪندا هئا، جن جي لاءِ وڙهڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا، قيامت جي ڏينهن جڏهن پنهنجن انهن ڪُوڙن خدائن کي جهنم ۾ سڙندو ڏسندا ته پنهنجين محبتن کان ئي انڪار ڪري ڇڏيندا.

خير! مان روايت پيش ڪري رهيو هئس: مشرڪ ته انڪاري ٿي ويندا ته اسان انهن ڪوڙن خدائن کي نٿا سڃاڻون ۽ نه ئي انهن سان محبت رکون ٿا. هاڻي انهن ڪافرن کي ايمان وارن جي بي مثال ۽ باڪمال محبتن جو نظارو ڪرايو ويندو، حشر جي ميدان ۾ الله پاڪ اهلِ ايمان کي فرمائيندو: إِنْ كُنْتُمْ أَحِبَّائِي فَادْخُلُوا جَهَنَّمَ اي ايمان وارو...!! جيڪڏهن توهان مون سان محبت