Book Name:Mah e Ramazan Aur Faizan e Muhabbat e Ilahi
جنگ ختم ٿي وئي ته مان ميدانِ جنگ ۾ پهتس)، ان وقت حضرت عبدالله بن مَخۡرَمهَ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو سمورو جسم زخمي هو. پاڻ مون کي ڏسندي ئي فرمايائون: اي عبدالله! ڇا افطار جو وقت ٿي ويو آهي؟ مون وراڻيو: ها، ٿي ويو آهي. پوءِ فرمايائون: هيءَ ڍال وٺ، هن ۾ پاڻي وجهه (ته جيئن مان روزو افطار ڪريان)، فرمائن ٿا: مان جلدي ۾ پاڻي کڻڻ ويس، واپس آيس ته حضرت عبدالله بن مَخۡرَمهَ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ (بغير افطار ڪرڻ جي، روزي جي حالت ۾ ئي) دنيا کان رخصت ٿي چڪا هئا. ([1])
اللہُ اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! محبتِ الٰهي جو ڪمال ته ڏسو! عبادت جو شوق ته ڏسو! حالتِ جنگ ۾ آهن، دشمنن سان مقابلو ڪري رهيا آهن، سڄو جسم زخمن سان چور چور آهي، اهڙي حالت ۾ به صحابيءِ رسول رَضِیَ اللهُ عَنْہُ روزي سان آهن. هڪ ٻي جذبي جي ڳالهه هيءَ آهي ته جنگِ يمامه رمضان مبارڪ ۾ نه ٿي هئي، يعني حضرت عبدالله بن مَخۡرَمهَ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرض نه پر نفل روزو رکيل هئا.
سُبْحٰنَ اللہ! ان کي چئبو آهي الله پاڪ جي محبت جو فيضان ...!!
ايمان وارن جي الله پاڪ سان محبت
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو:
وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَشَدُّ حُبًّا لِّلّٰهِؕ- (پارو:2، سورة البقرة:165)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ ايمان وارا سڀ کان وڌيڪ الله سان محبت ڪندا آهن
هي انهيءَ ئي شديد محبتِ الهي جو اظهار آهي جو صحابيءِ رسول جنگ جي حالت ۾ آهن، مشڪلاتن جي گهيري ۾ آهن، سندن جسم پاڪ جو هر هڪ عضو خدا جي راهه ۾ تڪليف برداشت ڪري چڪو آهي، جيتوڻيڪ اِها پاڻ هڪ وڏي عبادت آهي، ان سان گڏوگڏ نفل روزو به رکيل اٿن. توهان ٿورو غور ڪريو! جنگ جي دوران جڏهن کين زخم رسيا هوندا، جڏهن