Book Name:Mah e Ramazan Aur Faizan e Muhabbat e Ilahi
ڪري عبادت نه ڪندا آهيون. هاڻي جيئن ته رمضان مبارڪ اچي رهيو آهي، رمضان مبارڪ جي اچڻ سان عبادت جي رغبت وڌي ويندي آهي، اسان تمام گهڻا نيڪ ارادا ڪندا آهيون پر آهستي آهستي ذوق گهٽجي ويندو آهي، رمضان مبارڪ جي پهرين ڏهاڪي ۾ مسجدن ۾ رونق هوندي آهي، تراويحن ۾ به چڱو ڀلو تعداد نظر ايندو آهي، تلاوت ڏانهن به ماڻهو مائل هوندا آهن، پر ٻئي عشري ۾ اِهو ذوق گهٽجي ويندو آهي، نمازين جي تعداد ۾ به گهٽتائي ٿي ويندي آهي، تراويحن ۾ به ٿورا ماڻهو وڃي بچندا آهن، اِها جيڪا گهٽتائي آهي اُها نه ٿيڻ گهرجي، اِها سٺي ڳالهه نه آهي.
(2): ٻيو ڪم جيڪو ماههِ رمضان ۾ ڪرڻو آهي، اهو آهي: سخاوت (Generosity)۔ اهڙي سخاوت جهڙي ڪڪرن ۾ آهي * غريبن ۾ راشن ورهايو * يتيمن تي مهربانيون ڪريو * جيڪڏهن الله پاڪ همت ۽ توفيق عطا فرمائي آهي ته رمضان پيڪيج (Ramadan package) ٺاهي! غريبن تائين مفت پهچايو! * جيڪڏهن توهان دڪاندار آهيو ته رمضان آفر (Ramadan offer) لڳايو! ڪجهه نه ڪجهه رعايت (Discount) ڏيو!
(3): ٽيون ڪم اهڙي شفقت جهڙي سج ۾ آهي، جيڪو سڀني تي شفيق آهي سڀني کي روشني ڏئي رهيو آهي.
(4): اهڙي عاجزي جهڙي زمين ۾ آهي، سڀني سان بس عاجزي وارو ۽ شفقت وارو رويو ئي اختيار ڪرڻو آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ تَوَاضَعَ لِلَّهِ رَفَعَهُ اللہ يعني جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي 4 ڳالهيون اختيار ڪري هن سال جو رمضان مبارڪ گذاريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مزو به ايندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته بخشش جو سامان به ٿي