Share this link via
Personality Websites!
نيڪ عمل نمبر 27: هڪ مُٺِ ڏاڙهي رکڻ واجب آهي۔ اڄ توهان خدا نه ڪري ڏاڙهي ڪُوڙائڻ يا هڪ مُٺِ کان گهٽائڻ جو گناهه ته نه ڪيو؟ ([1])
ڪنپٽين، ڳياڙين ۽ کاڏيءَ تي ڦُٽَندڙ وارَن کي ڏاڙهي چئبو آهي۔([2])
وضاحت: * ڪن ۽ اک جي وچ واري جاءِ تي آڱر سان ڳوليو ته هڪ اڀريل هڏي محسوس ٿيندي، ان کي ڪَنپٽي چئبو آهي، ان جي هيٺان ڳياڙيءَ جي هڏي آهي، جنهن جي مٿان واري طرف وات جي اندر ڏند نڪرندا آهن، ان ئي هڏي جو اُهو حصو جيڪو چَپَن جي هيٺان آهي، ان کي کاڏي چئبو آهي۔ انهن ٽنهي هڏين تي جيڪي وار ڦُٽندا آهن، اُهي ڏاڙهي آهن * هيٺين چَپَ ۽ کاڏي جي وچ ۾ ڪجهه وار هوندا آهن، انهن کي عربي ۾ عَنْفَقَہ ۽ سنڌي ۾ ٻُچي چئبو آهي، اهي به ڏاڙهي ۾ داخل آهن * ڪجهه ماڻهن جي ڪنن تي وارَ هوندا آهن، اهڙي طرح ڳَلَن تي به سنها سنها وارَ ڪنهن کي گهٽ ته ڪنهن کي اکين تائين هوندا آهن، اهي ڏاڙهي ۾ شامل نه آهن۔([3]) * اهڙي طرح کَاڏي جي هيٺان ڳچيءَ تي وار ڦٽندا آهن، اهي به ڏاڙهي جو حصو نه آهن۔([4])
فرمانِ مصطفيٰ صلی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم
خَالِفُوا الْمُشْرِکِیْنَ اَوْفُوْا اللِّحْیَ ، وَاحْفُوْا الشَّوَارِبَ
ترجمو: غير مسلمن جي مخالفت ڪريو ...! ڏاڙهيون وڌايو...! ۽ مُڇُون خوب پَست رکو...! ([5])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami