Book Name:4 Buraiyon Ke Nishandahi
وڃي ته ان کي وڏو تڪبر ٿيڻ لڳندو آهي. اهڙن ماڻهن کي انهن جي انجام مان عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي جن جي هلاڪت جو سبب سندن عهدو ۽ منصب بڻيو.
ڏسو! فرعون کي عهدو مليو ته هو آڪڙجي ويو ۽ خدائيءَ جي دعويٰ ڪري ويٺو، 3 سئو سالن تائين عياشي ڪندو رهيو پر آخرڪار ان جو انجام اهو ٿيو جو هو درياءِ نيل ۾ وڏي ذلت سان ٻڏي مري ويو. اهڙي طرح جڏهن نمرود کي عهدو مليو ته هو به خدا هجڻ جي دعويٰ ڪري ويٺو، آخرڪار هن کي هڪ مڇر ذريعي هلاڪ ڪيو ويو. ([1])
سيپاري 20، سوره قصص، آيت 83 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
تِلْكَ الدَّارُ الْاٰخِرَةُ نَجْعَلُهَا لِلَّذِیْنَ لَا یُرِیْدُوْنَ عُلُوًّا فِی الْاَرْضِ وَ لَا فَسَادًاؕ-(سيپارو: 20، سوره قصص: 83)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اهو آخرت جو گهر اسان انهن ماڻهن جي لاءِ بڻائيندا آهيون جيڪي زمين ۾ وڏائي ۽ فساد ناهن چاهيندا.
يعني آخرت جو گهر جنت ان جي لاءِ آهي جيڪو دنيا ۾ غلبو ۽ وڏائي نٿو چاهي، نه ئي گناهه ڪري زمين ۾ فساد پکيڙي ٿو. ([2]) مسلمانن جا چوٿان خليفا حضرت عليُ المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: جيڪو ٻانهو اهو چاهي ته منهنجي جتيءَ جو تسمو (جوتن جي ڪَهي) ٻين جي تسمي کان افضل هجي، اهو به هن آيت جي حڪم ۾ داخل آهي. ([3])
الله اڪبر! جتيءَ جو تَسمو ته پري جي ڳالهه آهي اسان وٽ ته هر هر ڳالهه ۾ مقابلو ڪيو ويندو آهي، منهنجي جُتي اهڙي هجي جو ماڻهو ڏسي واهه واهه ڪن، منهنجا ڪپڙا اعليٰ هجن، منهنجي گهر جهڙو گهر ڪنهن جو نه هجي، منهنجي گاڏي جهڙي گاڏي ڪنهن جي نه هجي،