Book Name:4 Buraiyon Ke Nishandahi
جانور ان لاش کي کائيندا هئا ۽ جڏهن جانور کائي هليا ويندا هئا ته پوءِ پکي اچي ان کي ٺونگا هڻي کائيندا هئا. هي منظر ڏسي حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام بارگاههِ الٰهي ۾ عرض ڪيو: اي الله! بيشڪ تون قادر آهين ۽ مون کي يقين آهي ته تون مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ڪندين، پر منهنجي دل جي خواهش آهي ته ڪاش مان اهو منظر پنهنجي اکين سان ڏسي سگهان ته تون قيامت جي ڏينهن ان انسان کي ڪيئن گڏ ڪندين، جنهن جي جسم جا حصا * مڇين جي پيٽ ۾*ڪجھ جانورن جي پيٽ ۾*۽ ڪجھ پکين جي پيٽ ۾ هليا ويا آهن. الله پاڪ حڪم ڏنو: اي ابراهيم! تون 4 پکي پال ۽ انهن کي پاڻ سان مانوس ڪر، جڏهن اهي چڱي طرح مانوس ٿي وڃن ته انهن کي ذبح ڪري ڇڏ، ذبح ڪرڻ کان پوءِ انهن جون منڍيون پاڻ وٽ رک ۽ گوشت جو قيمو ڪري ان کي ويجهو مختلف جبلن تي ٿورو ٿورو رکي اچ، پوءِ انهن کي سڏ ڪر، پوءِ اسان توکي پنهنجي قدرت جو ڪرشمو ڏيکارينداسين.
حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام خدا جي حڪم سان 4 پکي (1): مور (2): ڪڪڙ (3): ڪبوتر ۽ (4): ڳِجھه پاليا. جڏهن اهي چڱي طرح مانوس ٿي ويا ته پاڻ انهن چئني کي ذبح ڪري، انهن جون منڍيون پاڻ وٽ رکيون ۽ گوشت جو قيمو ڪري مختلف جبلن تي رکي ڇڏيائون. ان کان پوءِ پاڻ کين سڏڻ شروع ڪيو: يَا اَیُّہَا الدِّیْکُ يعني اي ڪڪڙ!) يَا اَیَّتُہَا الْحَمَامَۃُ يعني اي ڪبوتر!) يَا اَیُّہَا النَّسْرُ يعني اي ڳجھه!) يَا اَیُّہَا الطَّاؤُسُ يعني اي مُور! سندن سڏيندي ئي انهن چئن پکين جو قيمو گڏ ٿيڻ لڳو، هڏيون هڪٻئي سان جڙڻ لڳيون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي چارئي پکي تيار ٿي ويا، پوءِ اهي اڏامندا اچي پنهنجين پنهنجين منڍين (مٿن) سان جڙي ويا ۽ داڻو چُڳندي پنهنجي پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائڻ لڳا. حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جڏهن هي روح پَرور منظر ڏٺو ته سندن دل کي قرار حاصل ٿي ويو.
هن پوري مَضمون کي الله پاڪ سيپارو 3، سورت البقره، آيت نمبر 260 ۾ هن طرح بيان فرمايو آهي: