Book Name:4 Buraiyon Ke Nishandahi
مطلب ته: هر شيءِ ۾ مقابلو (Competition) ڪيو ويندو آهي ۽ ان مقابلي جو مقصد ڇا هوندو آهي؟ حُبِّ جاہ، شهرت، عزت ته ماڻهو مون کي ڏسن، منهنجيون شيون ڏسن ته واهه واهه ڪن.
اي عاشقانِ رسول! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم اسان جا آئيڊيل (Ideal) آهن، اسان لاءِ بهترين نمونو آهن، انهن جا به پاڻ ۾ مقابلا ٿيندا هئا، اهي به هڪٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پر ڪنهن معاملن ۾؟ *نفل روزن ۾*راههِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ ۾* عبادتن ۾، جيئن ته مسلمانن جا ٻيان خليفا حضرت عمر فاروق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ غزوهءِ تبوڪ ۾ گهر جو اڌ مال خيرات لاءِ کڻي آيا ته مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابوبڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ گهر جو سڄو سامان کڻي آيا. ([1]) *صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم ۾ پيءُ پٽ جي وچ ۾ جهاد ۾ شرڪت لاءِ بحث ٿيندو هو، هر ڪو چوندو هو ته مان شرڪت ڪندس تون گهر ۾ رهه، ايتري تائين جو معذور صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم به الله جي راهه ۾ شهادت لاءِ بيقرار رهندا هئا. ([2]) غربت جي ڪري الله جي راهه ۾ سفر نه ڪري سگهڻ وارا روئيندا هئا. جيڪڏهن هڪ صحابي اڌ رات عبادت ڪندو هو ته ٻيو سڄي رات، هڪ جيڪڏهن ٽيون حصو قرآن تلاوت ڪندو هو ته ٻيو اڌ قرآن تلاوت ڪندو هو([3])
ڪاش! اسان دنيا جا نه پر آخرت جا طلبگار بڻجي وڃون. دنيا ۾ جيڪڏهن عزت ملي به وئي، شهرت نصيب ٿي به وئي پر ان جي بدلي آخرت خراب ٿي وئي ته ڪهڙو فائدو هتي سڀ فاني آهي، ڪجهه ڏينهن جي راند آهي، افسوس! قيامت جو اهو هولناڪ ڏينهن...!! اڳيان پويان سڀ حاضر هوندا، قهر سامهون هوندو، ان وقت جيڪڏهن اعمالنامو کوليو ويو ۽ ان ۾ گناهن جي گهڻائي نڪتي ته ان وقت جيڪا شرمندگي ٿيندي، ان شرمندگي ۽ ندامت جو ڇا ڪنداسين...!! افسوس! ان وقت ڪٿي منهن لڪائينداسين...!! ڪاش! اسان دنيا جي نه بلڪه آخرت جي عزت چاهڻ وارا بڻجي وڃون.