Book Name:Ayat e Durood Shareef
صاحب جي عدالت ۾ پهچي ويس ۽ جڏهن ڌُرين کي گھرايو ويو ته مان اڳتي وڌيس ۽ ٽي هزار(3000) دِينار ڳڻي قاضي صاحب جي اڳيان رکي ڇڏيم۔ جنهن تي قاضي صاحب سوال ڪيو ته ٻڌاءِ تون ايتري ساري رقم ڪٿان آندي آهي؟ جڏهن ته تون سُڃو هئين۔ مون سڄو ماجرو بيان ڪيو، قاضي صاحب اهو ٻڌي خاموش ٿي ويو، پوءِ اٿي پنهنجي گھر ويو ۽ گھران ٽي هزار (3000) دينار کڻي آيو ۽ چوڻ لڳو: سڄيون برڪتون وزير صاحب ئي ڇو ماڻي، مان به ته انهيء در جو غلام آهيان، تنهنجو اهو سمورو قرض مان پنهنجي کيسي مان ادا ڪندُس۔ جڏهن قرض خواه اهو ماجرو ڏٺو ته اهو چوڻ لڳو ته تمام رحمتون توهان ئي ڇو ماڻيو، مان به ان جي رحمت جو حقدار آهيان۔‘‘ اهو چئي ان لکي ڏنو ته مون الله ڪريم ۽ ان جي رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رِضا جي لاءِ هن ٻانهي جو قرض معاف ڪيو۔ اهو ڏسي ان مقروض واپاري قاضي صاحب کي چيو: جناب اوهان جي تمام گهڻي مهرباني۔ اوهان پنهنجي رقم سنڀالي وٺو، هاڻي مون کي ان جي ضرورت ناهي رهي۔ ان تي قاضي صاحب چوڻ لڳو: مون الله ۽ ان جي پياري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت ۾ جيڪي دِينار آندا آهن اهي واپس وٺڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهيان، اهي اوهان جا ئي آهن هنن کي کڻي وڃو۔ اهو واپاري چوڻ لڳو: مان جيڪو پهريان قرض ۾ ٻڏل هئس هاڻي اهي ٻارهن هزار (12000) دِينار کڻي گھر موٽيس، منهنجو قرض به معاف ٿي ويو، گھر جي لاءِ خرچ به ملي ويو ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ به چڱي ڀلي رقم ملي وئي۔ اهي تمام برڪتون درودِ پاڪ پڙھڻ جي ڪري ظاهر ٿيون.[1]
مشکل جو سر پہ آ پڑى تىرے ہى نام سے ٹلى
مشکل کشا ہے تىرا نام تجھ پر درود اور سلام