Book Name:Ayat e Durood Shareef
حالتون خراب ٿيڻ لڳيون، ڪاروبار ۾ نقصان ٿيندي ٿيندي نوبت ايستائين اچي پهتي جو ان جو ڪاروبار بلڪل ختم ٿي ويو ۽ اهو ويچارو بلڪل سُڃو ٿي ويو۔ ان ڪنهن دوست کان ٽي هزار(3000) دِينار (سون جا سِڪا) قرض ورتو هو ۽ واپسي جي تاريخ مقرر هئي، قرض خواه مقرر تاريخ تي قرض جي واپسي جو مطالبو ڪيو، ان ويچاري گهريندي چيو ته ادا مان مجبور آهيان، مون وٽ ڪابه شيءِ نه آهي، قرض خواه قاضي وٽ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، قاضي صاحب ان مقروض واپاريءَ کي گھرايو ۽ مقدمي جي باقاعده ٻڌِڻي کان پوءِ ان مقروض واپاري کي هڪ مهيني جي مهلت ڏني وئي ۽ تاڪيد ڪيائين ته ان مدت ۾ ضرور قرض جي واپسي جو انتظام ڪري وٺجان۔ اهو مقروض واپاري گھڻو پريشان ٿيو، سوچڻ لڳو ته ڇا ڪيان؟ ممڪن آهي ته ان ڪٿي پڙهيو هجي يا عالمن کان ٻڌو هجي ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ارشادِ گرامي آهي: جنهن ٻانهي تي ڪا مصيبت، ڪا پريشاني اچي ته هو مون تي درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪري، ڇوته درودِ پاڪ مصيبتن ۽ پريشانين کي ختم ڪندو آهي ۽ رِزق وڌائيندو آهي۔ آخرڪار ان عاجزي سان مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي دُرُودِ پاڪ پڙھڻ شروع ڪيو، جڏهن ستاويھ (27) ڏينهن گذري ويا ته ان رات جو هڪ خواب ڏٺو، ڪو چوڻ وارو چئي رهيو آهي: اي شخص! تون پريشان نه ٿيءُ، الله ڪريم وڏو ڪارساز آهي تنهنجو قرض ادا ٿي ويندو۔ تون سلطنت جي وزير علي بن عيسيٰ وٽ وڃ ۽ ان کي چئو ته مون کي قرض ادا ڪرڻ جي لاءِ ٽي هزار (3000) دِينار ڏئي۔ ان مقروض واپاري جو چوڻ آهي ته مان جڏهن بيدار ٿيس ته ڏاڍو خوش هئس، پريشاني ختم ٿي چڪي هئي، پر پوءِ اهو خيال به ايندو رهيو ته جيڪڏهن وزير صاحب ڪو دليل يا نشاني گُھري ته مون وٽ ته ڪو دليل به نه آهي۔ اهو ئي سوچندي ٻي رات اچي وئي جڏهن مان سُتس ته قسمت جاڳي پئي، مون کي رسول اڪرم، رحمتِ عالمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديدار نصيب ٿي ويو، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به علي بن عيسيٰ وزير وٽ وڃڻ جو حڪم