Ayat e Durood Shareef

Book Name:Ayat e Durood Shareef

ہزار جان فِدا نرم نرم پاؤں سے               پُکار سُن کے اَسِیْروں کی دوڑتا ہو گا([1])

   الله پاڪ ڪروڙين رحمتون نازل فرمائي اسان جي آقا و موليٰ مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم تي) جڏهن آدم عَلَيْهِ السَّلام پاڻ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جي هڪ امتي کي جهنم ۾ ويندي ڏسي پڪاريندا ته حضور جانِ رحمت، شمعِ بزم هدايت صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم فرمائن ٿا: مان جواب ۾ چوندس: لَبَّیْکَ یَا اَبَا الْبَشَر     اي تمام انسانن جا والد! لبيڪ...! حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلام فرمائيندا: هي اوهان جو امتي آهي، فرشتا کيس جهنم طرف وٺي وڃي رهيا آهن.

بازارِ قیامت میں جنہیں کوئی نہ پوچھے         ایسوں کا خریدار ہمیں تُو نظر آیا([2])

    اسان جا آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطٰفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلام جي اها صدا ٻڌي جلدي ۾ فرشتن وٽ تشريف کڻي ايندا ۽ فرمائيندا: اي منهنجي رب جا فرشتؤ! بيهي رهو...!! فرشتا عرض ڪندا: يا رسولَ الله صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم! اسان فرشتا آهيون ۽ فرشتا الله پاڪ جي نافرماني ناهن ڪندا، جيڪو حڪم هجي، اهو سرانجام ڏيندا آهن، هي ٻڌي  امت جا غمخوار، نبيِ رحمت صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم پنهنجي مبارڪ ڏاڙهي پڪڙي وٺندا ۽ عرشِ الهي طرف رخ ڪري عرض ڪندا: اي منهنجا ربِ ڪريم! ڇا مون سان واعدو نه هو ته اُمت جي معاملي ۾ مون کي غمگين نه ڪيو ويندو...؟ هاڻي فرشتن کي حڪم ڏنو ويندو: اَطِيْعُوْا مُحَمَّدًا يعني اي فرشتؤ! مُحَمَّد صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جي فرمانبرداري ڪريو! (هي حڪم ملندي ئي ڇا ٿيندو؟ اعليٰ حضرت، امام


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:51-53۔

[2]...ذوقِ نعت، صفحہ:45۔