Book Name:Bakhshish Se Mehroom Log
چماٽ وَهائي ڪڍيائين. ماڻس ويچاري پري وڃي ڪِري، ان جي اک نڪري پئي ۽ ڏند به ڀڄي پيو.
سندس ماءُ تڪليف وچان دانهن ڪندي چيو: اللہ توکان راضي نه ٿئي. هاڻي هن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو، تنهنڪري هُو جبلن جي طرف نڪري ويو، 40 سالن تائين مجاهدات ڪندو رهيو، خوب عبادتون ڪيائين، بُکُون ڪاٽيائين، ايتري تائين جو سندس هڏا ٻاھر نڪري آيا. 40 سال عبادت ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن آسمان ڏانهن نظر ڪري عرض ڪيائين: اي مالڪِ ڪريم! ڇا منهنجو گناهه معاف ٿي ويو آهي؟، ڇا تون مون کان راضي ٿي ويو آهين؟ جيڪڏهن ٿي ويو آهي ته مون کي ان جي خبر عطا فرماءِ. غيب مان آواز آيو: رِضَائِيْ مِنْ رِضَاءِ اُمِّكَ يعني منهنجي رضا اُنهيءَ ۾ آهي ته تون پنهنجي ماءُ کي راضي ڪر.
هاڻي هي سمجهي ويو ته مان چاهي هزارين سال به عبادت ڪريان، جيڪڏهن ماءُ راضي نه ٿي ته اللہ پاڪ به راضي نه ٿيندو، تنهنڪري گھر واپس آيو، پري کان ئي پنهنجي ماءُ کي پڪاريائين: يَا مِفْتَاحَ الْجَنَّۃِ اي منهنجي جنت جي چاٻي (منهنجي ماءُ)...!! ماءُ پڇيو: هي ڪير آهي؟ چيو ويو: تنهنجو پُٽُ آهي. سندس ماءُ اڃان به تڪليف ۾ هئي، چيائين: مان توکان راضي نه ٿيندِيَس، اِهو ٻڌي اُن کي تمام گهڻو ڏک ٿيو، غم جي شدت سبب جنھن هٿ سان هُن پنهنجي ماءُ کي چماٽ هنئي هئي، هِن پنهنجو اُهو هٿ ئي ڪَٽي ڇڏيو، پوءِ ڪاٺيون گڏ ڪري، باهه ٻاريائين ۽ باهه جي ويجهو اچي، پنهنجو پاڻ کي مخاطب ٿيندي چيائين: اي نافرمان! آخرت جي باهه کان پهريان دنيا جي باهه جو مزو چَکي وٺ، اِهو چئي هُو باهه جي طرف وڌڻ لڳو، جڏهن باهه جي ويجهو پهتو ۽ بس ان ۾ اندر وڃڻ ئي وارو هو ته سندس ماءُ جي دل ڀرجي آئي، هن جي ممتا بيچين ٿي پڪاريو: اي منهنجي اکين جا ٺارَ...!! اللہ پاڪ توکان راضي ٿئي ...!! رڪجي وڃ!
اللہُ اَکبَر! ماءُ جي ايترو چوڻ جي دير هئي، اهو ڪم جيڪو 40 سالن جي عبادت سان نه ٿي سگهيو هو، ماءُ جي هڪ جملي سان ٿي ويو، اللہ پاڪ هڪ