Bakhshish Se Mehroom Log

Book Name:Bakhshish Se Mehroom Log

مبتلا هوندو آهي، تنهن هوندي به اسان کي شرڪِ خَفي (يعني رياڪارِي) کان به بچڻ گھرجي. رياڪاري ڇا آهي؟ غور سان سمجهي وٺو! هر اُهو ڪم(جيڪو شريعت موجب درست هجي ۽) اللہ پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪيو وڃي ته ان کي عبادت چئبو آهي. پر جيڪڏهن ڪو شخص اُهوئي نيڪ ڪم اللہ پاڪ جي رضا کان سواءِ ڪنھن ٻئي ارادي سان ڪري ته اِها رياڪاري آهي.([1]) مثال طور نماز پڙھڻ عبادت آهي، پر جيڪڏهن ڪو شخص نماز ته پڙھي رهيو آهي پر اللہ پاڪ جي رضا جي لاءِ نه پڙھي رهيو آهي، ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ پڙھي رهيو آهي ته، اهڙو شخص رياڪار چورائيندو.

اللہ پاڪ اسان کي رياڪاريءَ جي آفت کان بچڻ نصيب فرمائي.  

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم .

(2):  شراب  جي  عادت

ٻيو عمل جيڪو شبِ براءَت بخشش کان محرومي جو سبب آهي، اُهو آهي: شراب پيئڻ جي عادت. اهو به ڪبيره گناهه، حرام ۽ جھنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.

حضرت سيِّدُنا عبداللہ بن عَمَرو بن عاص رَضِيَ اللّٰہُ عَنْہما فرمائن ٿا ته مون اللہ پاڪ جي پياري حبيب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کان شراب جي متعلق پڇيو ته پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ارشاد فرمايو: اِهو سڀ کان وڏو گناه  ۽ سڀني براين جي پاڙَ آهي، شراب پيئڻ وارو نماز ڇڏي ڏيندو آهي ۽ (ڪڏهن ڪڏهن) پنهنجي ماءُ، ماسِي ۽ پُڦِي سان به بدڪاري جو مُرۡتڪب ٿي ويندو آهي. ([2])

 پيارا اسلامي ڀائرو! شراب کي اُمُ الخبائِث يعني برائين جي ماءُ چيو ويو آهي، افسوس! هيءَ برائي به معاشري ۾ عام ٿي رهي آهي، ڪو فنڪشن هجي، پارٽيون هجن، عيد تہوار هجي يا دوستن جي بيٺڪ ئي ڇو نه هجي هاڻي ته اهڙين محفلن ۾ شراب ۽ ٻيون نشي آور شيون فيشن بڻجنديون پيون وڃن.


 

 



[1]... ریاکاری، صفحہ:7۔

[2]... مجمع الزوائد، کتاب الاشربۃ، باب ما جاء فی الخمر...الخ، جلد:5، صفحہ:73، ھدیث:8174۔