Book Name:Quran Kareem Samajh Kar Parhna
اهڙي طرح اٺن کان بهتر آهي. [1]
قرآن ڪريم سمجهڻ جي مُتعلق احڪام
(1) قرآن ڪريم تي اجمالي ايمان آڻڻ فرضِ عين آهي،[2] جڏهن ته ان تي تفصيلي ايمان رکڻ فرضِ ڪفايه آهي. [3] اجمالي ايمان ڇا کي چئبو آهي: قرآن ڪريم کي ڪلامِ الاهي مڃڻ ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ موجود آهي ان کي حق ۽ سچ مڃي ڪري ڪنهن هڪ اکر يا حرڪت (زبر، زير، پيش) جو به انڪار نه ڪرڻ اجمالي ايمان آهي. [4] تفصيلي ايمان ڇا کي چئبو آهي: قرآن ڪريم ۾ جيڪو ڪجهه آهي ان کي تفصيل سان ڄاڻڻ تفصيلي ايمان چورائيندو آهي، يعني ان ۾ موجود احڪام(جن ڪمن کي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو)، منهيات (جن کان روڪيو ويو آهي) ۽ ان جي آيتن جي معنيٰ ۽ مفهوم ڄاڻڻ تفصيلي ايمان آهي، ۽ هي فرضِ ڪفايه آهي، جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن حاصل ڪري ورتو ته سڀ بري الذمه ٿي ويندا .[5]
قرآن ڪريم سمجهي ڪري پڙهڻ جا فائدا
* قرآن ڪريم جي هڪ آيت کي سمجهي پڙهڻ 100 رڪعتون نماز پڙهڻ کان وڌيڪ افضل آهي.[6] * قرآن ڪريم جي هڪ آيت کي معنيٰ ۽ مفهوم سان پڙهڻ بغير سمجهڻ جي سڄو قرآن پڙهڻ کان افضل آهي.[7] * قرآن ڪريم کي سمجهي پڙهڻ وارن تي سڪون ۽ اطمينان نازل ٿيندو آهي * قرآن ڪريم کي سمجهي پڙهڻ وارن کي الله پاڪ جي رحمت پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيندي آهي * قرآن ڪريم کي سمجهي پڙهڻ وارن کي ملائڪ پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيندا
[2] فتاوی شارح بخاری ،جلد:1،صفحہ:632۔
[3] تفسیر نعیمی ،پارہ:1،سورۃ ا؛لبقرہ ،تحت الآیۃ:4،جلد:1،صفحہ:143،ملخصًا۔
[4] فتاویٰ اہلسنت ،فتوی نمبر : WAT-4321۔
[5] وقار الفتاوی، جلد:2 ،صفحہ:57،ماخوذاً
[6] سنن ابن ماجہ ،كتاب السنہ ،باب فضل تعلم القرآن ،صفحہ:48،حدیث :219،بتغیر قلیل
[7] احیاء العلوم ،جلد:4،صفحہ:521۔