Zikr ul Allah Ke 40 Faide

Book Name:Zikr ul Allah Ke 40 Faide

ابو القاسم قشيري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيْه جن ماڻهن جي طرف نگاھ کنئين ته ڇا ٿا ڏسن ته ماڻهن جي مٿن تي ڪارا ڪانوَ ويٺا آهن، انهن ڪانوَن جا وار وڏا وڏا آهن ۽ هي وارَ ڪنهن جي چهري کي ڍڪي رهيا آهن، ڪنهن جي اکين تائين آهن، ڪنهن جي پيشاني تائين آهن. امام قشيري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيْه هي عجيب منظر ڏسي حيرت وچان پڇيو: هي ڇا معاملو آهي؟ سندن جنَّ دوست هيءَ آيت پڙهي:

وَ مَنْ یَّعْشُ عَنْ ذِكْرِ الرَّحْمٰنِ نُقَیِّضْ لَهٗ شَیْطٰنًا فَهُوَ لَهٗ قَرِیْنٌ(۳۶)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو رحمٰن جي ذڪر کان منهن ڦيري ته اسان ان تي هڪ شيطان مقرر ڪري ڇڏيندا آهيون پوءِ اهو ان جو ساٿي رهندو آهي.

(سيپارو: 25، سوره زخرف: 36)

۽ چيائين: هي اهي شيطان آهن جيڪي انهن تي مسلط ڪيا ويا آهن. انهن ۾ جيڪو غافل ٿيندو آهي، ان جي مٿي تي شيطان ڪانوَ جي شڪل ۾ ويهي رهندو آهي، جڏهن اهو ذڪر ڪرڻ لڳندو آهي ته شيطان پري ڀڄي ويندو آهي.[1]

ذکرودرودہرگھڑی وردِزباں رہے              میری فضول گوئی کی عادت نکال دو

الله پاڪ اسان کي غفلت کان نجات نصيب فرمائي. ڪاش! اسان هر گهڙي ذڪر ۽ فڪر ۾ مصروف رهڻ وارا بڻجي وڃون.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.


 

 



[1]...سبع سنابل، صفحہ:253۔