Book Name:Aurad Parhna
هنن الله پاڪ جو ذڪر نه ڪيو هوندو[1].
شجري شريف ۽ اوراد و وظائف جي عادت بڻائڻ جي لاءِ
* شجري شريف ۽ اوراد و وظائف جون برڪتون پيشِ نظر رکو * ثواب تي نظر رکو! ڪجهه ماڻهو ڪجهه ڏينهن وظيفو ڪري بيزار ٿي ويندا آهن ته ڪم ته ٿي ئي نه پيو ۽ وظيفو ڇڏي ڏيندا آهن. حاجت پوري ڪرڻ جي بجاءِ ثواب جي نيت سان وظيفو ڪريو ته جيئن جيڪڏهن ڪجهه عرصو حاجت پوري نه به ٿئي پر الله پاڪ چاهيو ته ثواب ملندو رهندو * وقت مقرر ڪري وٺو! مثال طور فجر جي نماز کان پوءِ ڪجهه دير مسجد ۾ ترسي وظائف ڪيو * شروعات ۾ ڊگهن ڊگهن وظيفن جي بجاءِ ننڍا ننڍا وظيفا ڪيو! شروعات ۾ ئي ڊگها وظيفا شروع ڪرڻ سان ٿي سگهي ٿو ته استقامت حاصل نه ٿئي * روزانو تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شرڪت ڪريو! هن حلقي ۾ درسِ تفسير کان پوءِ شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان نيڪ عمل نمبر 7 جي مطابق ”اوراد ۽ وظائف“ جي عنوان تي مفيد ترين معلومات حاصل ڪئي، نيت ڪريو ته روزانو ڪجهه نه ڪجهه اوراد ۽ وظائف ضرور ڪنداسين. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
[1] شعب الايمان ، العاشر من شعب الايمان، باب في محبۃ اللہ ،فصل فی ادامۃ ذکر اللہ جلد:1،صفحہ:363،حدیث:512۔