Book Name:Aurad Parhna
* اوراد ۽ وظائف ڪرڻ سان روحانيت (Spirituality) ۾ اضافو ٿئي ٿو * اوراد ۽ وظائف سان مشڪلاتون حل ٿينديون آهن، بلائون ٽرنديون آهن ۽ رزق ۾ برڪت ٿيندي آهن * اوراد ۽ وظائف ڪرڻ الله پاڪ جي ذڪر جو هڪ خوبصورت طريقو آهي ۽ * هي ڪامل ايمان جي نشاني * دنيا ۽ آخرت جي هر ڀلائي حاصل ڪرڻ *.. عذابِ الاهي کان نجات ملڻ * درجات جي بلندي ۽ * دل جي صفائي جو سبب آهي [1]* اوراد ۽ وظائف ڪرڻ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ڪرڻ جو بهترين انداز آهي ۽ * دعا عبادت جو مغز ۽ * دعا رحمت جي ڪنجي آهي * دعا مسلمانن جو هٿيار آهي * دعا دين جو ٿنڀ (ستون) آهي * دعا زمين ۽ آسمان جو نور آهي * دعا بلائن کي ٽاري ڇڏي ٿي. [2]
مشائخ طريقت جو شجرو شريف پڙهڻ جا فائدا
* شجرو شريف روزانو پڙهڻ سان پنهنجي طريقت جي سلسلي جي تمام بزرگن جا نالا ياد ٿي ويندا آهن، جيڪو يقينن سعادت مندي آهي * شجرو شريف پڙهڻ سان الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو آهي ۽ صالحين جو ذڪر ڪرڻ سان رحمتون نازل ٿينديون آهن، ايمان تازو ٿيندو آهي ۽ الله پاڪ جو قرب نصيب ٿيندو آهي * نالي سان پنهنجي سلسلي جي مشائخن کي ايصالِ ثواب ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيندو آهي * شجرو شريف پڙهڻ سان جيئن ته پنهنجي سلسلي جي مشائخن جو ذڪر ۽ کين ياد ڪيو ويندو آهي ، ته جڏهن خوشحاليءَ جي ڏينهن ۾ کين ياد ڪيو ويندو ته مصيبت جي ڏينهن ۾ اهي مصيبت دور فرمائيندا.
اوراد ۽ وظائف نه ڪرڻ جو نقصان: اوراد ۽ وظائف نه ڪرڻ ڪيترين ئي فضيلتن ۽ ثوابن کان محروميءَ جو سبب آهي. حديث پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي: جنتي ماڻهن کي ان گهڙيءَ کانسواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ تي حسرت نه ٿيندي، جنهن ۾