Book Name:Aurad Parhna
الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ آهي .[1]
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
ڇا مان اوهان کي اهڙا بهترين عمل نه ٻڌايان؟ * جيڪي الله پاڪ جي ويجهو تمام گهڻا پاڪيزه * اوهان جي درجن جي بلنديءَ جو سبب * اوهان لاءِ سون ۽ چاندي خيرات ڪرڻ ۽ * ڪافرن سان جهاد ڪرڻ کان به بهتر هجن. عرض ڪيو ويو: جي ها. فرمايائون: اهو عمل الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ آهي.[2] * هڪ روايت ۾ آهي: صبح ۽ شام الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ جهاد ۽ خيرات ڪرڻ کان بهتر آهي.[3]
اوراد و وضائف جي مُتعلق مُختلف مدني گُل
(1) استقامت سان اوراد ۽ وظائف پڙهڻ مستحب آهي (2) [4]جڏهن به ڪو وظيفو ڪيو وڃي ته ثواب جي نيت سان ڪيو وڃي ۽ ان کي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاجت طلب ڪرڻ لاءِ وسيلو بڻايو وڃي. جيڪڏهن صرف ان نيت سان وظيفو ڪيو ويو ته منهنجو ڪم پورو ٿي وڃي، ته اهو جائز ته آهي پر ان جو ثواب نه ملندو (3 ) وظيفو صرف جائز ڪم لاءِ ڪيو وڃي؛ ناجائز ڪم مثلاً مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جهيڙو ڪرائڻ وغيره لاءِ وظيفو ڪرڻ حرام ۽ گناهه آهي (4) [5] اوراد ۽ وظائف بنا وضو جي به پڙهي سگهجن ٿا، پر بهتر اهو آهي ته وضو ڪيو وڃي (5) جن اوراد ۽ وظائف لاءِ تعداد مقرر (معين) آهي، انهن کي اوتري ئي تعداد ۾ پڙهڻ گهرجي؛ ڄاڻي واڻي ان ۾ ڪمي يا واڌارو نه ڪرڻ گهرجي.[6]
[1]تفسیر صراط الجنان ،پارہ:22،سورۂ احزاب ،تحت الآیۃ :41،جلد8،بتغیر قلیل ۔
[2] سنن ترمذی،کتاب الدعوات ،باب ماجاء فی فضل الذکر ،صفحہ:778،حدیث:3377۔
[3] الزہد لابن مبارک ،الجز التاسع ،صفحہ:394،رقم :1116۔
[4]شرح مسلم للنووی ،کتاب صلاۃ المسافرین،باب صلاۃ الیل ومن نام ...الخ، جلد:2،جز :6،صفحہ:33،حدیث:1739۔
[5] فتاوی رضویہ ،جلد:23،صفحہ:398،ملخصاً۔
[6] بہار شریعت،جلد 01،حصہ 3،صفحہ539،ملخصًا۔