Book Name:Aurad Parhna
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ نيڪ عمل اوراد پڙهڻ جي مُتعلق مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ ڪفر و فقر جي دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: قيامت جي ڏينهن ماڻهن مان منهنجي سڀ کان ويجهو اهو هوندو، جنهن دنيا ۾ مون تي سڀ کان وڌيڪ درودِ پاڪ پڙهيو هوندو[1].
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُہُمُ الْعَالِیَہ سوالن جي صورت ۾ شريعت ۽ طريقت جو جامع مجموعو نيڪ عملن جو رسالو عطا فرمايو آهي، ته جيئن مسلمان انهن سوالن جي ذريعي پنهنجو جائزو وٺندي پنهنجي آخرت بهتر ڪري سگهن. اڄ اسان ’72 نيڪ عملن‘ جي رسالي مان نيڪ عمل نمبر 7 بابت
[1]ترمذی،ابواب الوتر،باب ماجاء فی فضل الصلاۃ علی النبی صلی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم،صفحہ:144،حدیث:484۔