Book Name:Hazrat Adam Qayam e Jannat
* اسان اهي بدنصيب آهيون، جن کي نماز جي فڪر ناهي ٿيندي * رات جو سمهندي ماڻهو آفيس ٽائيم يا ڪم تي وڃڻ جي وقت جو الارم ته لڳائي وٺندا آهن پر فجر لاءِ اٿڻ جو اهتمام ناهن ڪندا * ڪٿي وڃڻو هجي، ٽڪيٽ بُڪ هجي ته وقت تي اک به کلي ويندي آهي، اڳواٽ تياريون به ٿي وينديون آهن پر افسوس! نمازن جي اوقات جو لحاظ نه رکيو ويندو آهي * جتي پنهنجي عقل جي مطابق نڪ ڪٽجندو محسوس ٿيندو هجي، انهن ڪمن کان ته اسان رڪجي ويندا آهيون پر شرعي احڪامن کي اهميت نه ڏيندا آهيون * شادين وغيره ۾ پنهنجي لڄ رکڻ لاءِ، نفس جي تسڪين لاءِ خوب ناچ گانا ٿيندا آهن، گناهن جو بازار گرم ڪيو ويندو آهي، افسوس! شريعت جو حڪم ڇا آهي، ان جو بلڪل لحاظ اسان ناهيون رکندا * ڏاڙهي شريف جهڙي مبارڪ سنت کي صرف فيشن جي نالي تي ڪٽرائي نالين ۾ وهايو ويندو آهي * فضول خرچين ۾ چاهي لکن جو مال اڏائي ڇڏيون پر زڪوات ڏيڻ ڳرو لڳندو آهي * جڏهن نفعو ڪمائڻ جي ڳالهه اچي ته سُودي لين دين کان به باز نه ايندا آهيون * چند رپين خاطر خريد و فروخت ۾ ٺڳي ڪئي ويندي آهي * ڪوڙ ڳالهائڻ کي اڄ ماڻهو فيشن سمجهندا آهن مطلب ته ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو تذڪرو ڪجي...!! اهو ڪهڙو شرعي حڪم آهي جنهن کان اڄ بي پرواهي ناهي ڪئي ويندي...!! ياد رکو! هي تمام خطرناڪ ڳالهه آهي.
نافرمان ماڻهو ڀولڙا بڻجي ويا
قرآن ڪريم ۾ بني اسرائيل جو هڪ عبرتناڪ واقعو ذڪر ڪيو ويو آهي، بني اسرائيل جا ڪجهه ماڻهو هئا جيڪي سمنڊ جي ڪناري اَيله نالي ڳوٺ ۾ رهندا هئا، اهي سڀ ماهي گير هئا، سمنڊ مان مڇيون پڪڙيندا، وڪڻندا ۽ پنهنجي روزي جو اهتمام ڪندا هئا، وڏي خوشحال زندگي گذري رهي هئي، پوءِ قدرت کي انهن جو امتحان منظور ٿيو، تنهنڪري انهن لاءِ هفتي جي ڏينهن مڇي جو شڪار حرام قرار ڏنو ويو پر افسوس! انهن ان رب جي حڪم کي ڪجهه اهميت نه ڏني. (جيئن اڄڪلهه ماڻهو مختلف حيلن سان حرام کي حلال ۽ حلال کي حرام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، بني اسرائيل جي هن گروهه به ائين ئي ڪيو) انهن پنهنجي گهرن جي ويجهو وڏا