Book Name:Hazrat Adam Qayam e Jannat
حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي ڪجهه عرصي لاءِ جنت ۾ رهايو ويو، ان جي ذريعي شيطان جي دشمني کي واضح ڪيو ويو. ان ۾ ٻي هڪ حڪمت اها سمجهه ۾ اچي ٿي ته ان جي ذريعي شرعي تڪليفن (الله پاڪ جي احڪامن) جي اهميت کي واضح ڪيو ويو. مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تفسير نعيمي ۾ لکن ٿا: (قيامت کان پوءِ جڏهن اسان جنت ۾ وينداسين ته اتي ڪنهن به شيءِ جي ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي پر) حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي (حڪمت جي تحت جنت ۾ رهايو ويو، پوءِ کين) هڪ وڻ جي ويجهو وڃڻ، ان جو ميوو کائڻ کان به روڪيو ويو، ان ۾ حڪمت هيءَ هئي ته ڇوته پاڻ ۽ سندن اولاد تي دنيا ۾ احڪام جاري ٿيڻا هئا ۽ دنيا جي ڪجھ شين کان روڪيو وڃڻو هو، ان ڪري انهن احڪامن جو عادي بڻائڻ لاءِ کين جنتي ميوو کائڻ کان به منع ڪيو ويو. ([1])
مطلب ته حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڪجهه عرصي لاءِ جنت ۾ رهائي، کين هڪ وڻ کان روڪي اسان کي شرعي احڪامن جي اهميت ٻڌائي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته اسان شرعي احڪامن کي ڪڏهن به معمولي نه سمجهون، انهن جي تمام گهڻي اهميت آهي، ڏسو! حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام نبي آهن، معصوم آهن، سندن مبارڪ ذات کان گناهه جو سرزد ٿيڻ شرعي طور ناممڪن آهي.،([2]) ان جي باوجود پاڻ ويساري ڪري حڪم جي خلاف ڪيو ته کين جنت مان زمين تي لاٿو ويو، خبر پئي صرف شرعي حڪم جي خلاف ورزي ڪرڻ جنت کان محرومي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
اي عاشقانِ رسول! هي واقعي حقيقت آهي، اسان کي شريعت جنهن جنهن ڳالهه جو حڪم ڏنو آهي، جن جن ڳالهين کان منع ڪيو آهي، انهن جي تمام گهڻي اهميت آهي، هي معمولي شيءِ نه آهي پر افسوس! اڄ ماڻهن جي دلين مان شرعي احڪامن جي اهميت گهٽ ٿيندي پئي وڃي، هاءِ! افسوس!