Book Name:Shab e Meraj Deedar e Khuda
رستو زمين کان سدرةُ المنتھى تائين، 35 ۽ 50 = 85 هزار سالن جو فاصلو ٿيو، پوءِ سدرة المنتھيٰ کان عرش جي حجابن تائين ڪيترو فاصلو آهي، اهو ڪير به نٿو ڄاڻي، حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عرش کان اڳتي، ڪيستائين تشريف کڻي ويا، ان کان به ڪير واقف ناهي، مطلب ته معراج جا گهوٽ، سرورِ انبياء صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ايترو هزارين لکين سال پري ويا به، واپس به تشريف کڻي آيا. مطلب ته هي ان سفر جي ڊيگهه آهي جو ايترو ڊگهو سفر جيڪو ڪيترن ئي ڪروڙ ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. پوءِ ان سان گڏ ئي انتهائي حيراني جي ڳالهه آهي ته هي دنيا جو سڀ کان ڊگهو سفر نهايت ئي مختصر به هو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لامڪان ۾ تشريف کڻي ويا، پوءِ واپس به پهچي ويا ۽ وقت اڃا ڪيترو گذريو هو؟ ڪجهه سيڪنڊ، بسترو مبارڪ اڃا گرم هو، دروازي جي ڪُنڍي اڃا لُڏي رهي هئي.
تفصیل سے کی سیر مگر اِس پہ یہ طُرّہ
اِک پل میں یہ طے ہو گیا رستہ شبِ مِعْرَاج
زنجیر درِ پاک کی ہِلتی ہوئی پائی
اور گرم تھا وہ بستر شبِ مِعْرَاج([1])
هڪ شاعر هتي تمام خوبصورت ڳالهه چئي، لکن ٿا:
رُک گئی ہے آج نبضِ جہاں
اُن کی ہستی نکل گئی ہو گی
وضاحت: اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا آقا و مولا، محمدِ مصطفىٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪائنات جو روح آهن، روح نڪري وڃي ته جسم بيهي ويندو آهي، اهڙي طرح جڏهن روحِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن