Shab e Meraj Deedar e Khuda

Book Name:Shab e Meraj Deedar e Khuda

استقبال لاءِ صحن ۾ اچي ويون، ڇا ٿيون ڏسن ته هر طرف مينهن وسي رهيو آهي پر رسولِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو لباس مبارڪ بلڪل خشڪ آهي. حيراني وچان پڇيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ٻاهر مينهن وسي رهيو آهي پر اوهان جو لباس مبارڪ خشڪ آهي، ان ۾ ڇا حڪمت آهي؟ فرمايائون: عائشه! تو مٿي تي ڇا ويڙهيو آهي؟ عرض ڪيائين: هي اوهان جي چادر مبارڪ آهي، جلدي ۾ هيءَ هٿ آئي، مون هيءَ ئي ويڙهي ڇڏي. فرمايائون: ان کي لاهه! سيده عائشه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا چادر مٿي تان لاٿي ته ڏٺائين ته اتي ڪو به مينهن نه هيو، تمام گهڻيون حيران ٿيون، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي عائشه! هي الله پاڪ جي انوار و تجليات جو مينهن آهي، جيڪو هر وقت وسندو رهندو آهي، تو منهنجي چادر پاتي ته تنهنجون نگاهون روشن ٿي ويون ۽ تو هن مينهن کي اکين سان ڏسي ورتو.[1]

  سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان جو پاڻ تي هر وقت ئي انوار وتجليات جي بارش وسندي رهندي آهي. نتيجو هي نڪتو ته جهڙي طرح اهي ماڻهو جيڪي ڏينهن رات حُسنِ يوسف کي ڏسڻ جا عادي هئا، انهن مدهوشي ۾ آڱريون نه ڪٽيون، اهڙي طرح اهي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جيڪي هن مرڪزِ انوار و تجليات يعني چهرهءِ مصطفىٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏسڻ جا عادي هئا، اهو ئي سبب آهي جو شبِ معراج ديدارِ الٰهي ڪرڻ جي باوجود نه پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جيان چهري تي نقاب وجهڻ جي ضرورت پيش آئي، نه ئي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم ڪڏهن رخِ مصطفيٰ ڏسي بيهوش ٿيا، ها! هن نرالي چهري کي ڏسڻ ۾ هڪ لطف هو، جيڪو صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم وڏي شوق سان حاصل ڪندا هئا.


 

 



[1]...مثنوی معنوی، قصہ سؤال کردن عایشہ...الخ، صفحہ:72 خلاصۃً۔