Shab e Meraj Deedar e Khuda

Book Name:Shab e Meraj Deedar e Khuda

هڪ سوال ۽ ان جو جواب

    پيارا اسلامي ڀائرو! هن جاءِ تي هڪ سوال آهي، الله پاڪ جا نبي حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جڏهن ڪوههِ طور تي حاضر ٿيا، الله پاڪ کان هم ڪلامي جو شرف ماڻيو، عرض ڪيائون:

رَبِّ اَرِنِیْۤ (سيپارو: 9، الاعراف: 143)

ترجمو ڪنزُ العرفان: اي منهنجا رب! مون کي پنهنجو جلوو ڏيکار.

 

الله پاڪ فرمايو:

لَنْ تَرٰىنِیْ (سيپارو: 9، الاعراف: 143)

ترجموڪنزُ العرفان: تون مون کي هر گز نه ڏسي سگهندين

   پوءِ ڪوهه طور تي هڪ تجلي وڌي وئي، ڪوهه طور ريزه ريزه ٿي ويو ۽ حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم اُن تجلي جي تاب نه سهندي، بيهوش ٿي ويا.

  هي صرف هڪ تجلي هئي، جنهن کي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام پوري طرح ڏسي نه سگهيا هئا، ان هڪ تجلي کي ڏسڻ جو ايترو اثر ٿيو جو پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم چهري مبارڪ تي نقاب وجهي رکندا هئا، سندن چهري مبارڪ تي ان تجلي جو فيضان ايترو هو جو پاڻ پنهنجي چهري تي نقاب وجهي رکندا هئا، ڪير کين بغير نقاب جي ڏسي وٺي ها ته ان تجلين کي برداشت نه ڪري سگهي ها. ايتري قدر جو جڏهن حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو دنيا کان وڃڻ جو وقت آيو ته سندن گهر واريءَ عرض ڪيو: مان 40 سالن کان اوهان سان گڏ آهيان، مهرباني ڪري اڄ ته پنهنجي ديدار سان نوازيو! پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم گهر واري جي هي بيتاب آرزو ٻڌي رخِ انور تان نقاب کڻي ڇڏيو، گهر واري