Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
اے ماہِ مدینہ تری تَنْوِیر کے قرباں! چمکا دیا اُمّت کا نصیبہ شبِ معراج
الله پاڪ اسان کي انهن ڪرم نوازين تي شڪر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. مداحِ حبيب مولانا جميل احمد رضوي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا:
اپنے مَحْبوب کی اللہ نے اُمّت میں کِیَا سُنِّیو...! مِل کے کرو شکرِ خُدا آج کی رات
خير! مان روايت ٻڌائي رهيو هئس، حضرت ابراہيم عَلَیْهِ السَّلَام پياري مَحْبُوب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي ذريعي امت کي سلام پهچايو، پوءِ فرمايائون: اي محبوب نبي صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! پنهنجي امت کي ٻڌايو ته جنت پاڪ ۽ زرخيز زمين آهي ۽ خالي ميدان جي صورت ۾ آهي۔ بيشڪ هتان جا باغ سُبْحٰنَ اللہ! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ ۽ اَللہُ اَکْبَر آهن. ([1])
يعني جنت جي زمين خالي آهي، ٻانهو جڏهن سُبْحٰنَ اللہ! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ ۽ اَللہُ اَکْبَر چوندو آهي ته ان جي لاءِ جنت ۾ وڻ لڳندا رهندا آهن۔ تنهنڪري اي پيارا محبوب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم پنهنجي امت کي فرمايو ته! انهن ڪلمات جو ڪثرت سان ذڪر ڪندا رهن ته جيئن جنت ۾ انهن جي لاءِ گهڻي کان گهڻا باغ لڳندا رهن.
مَاشَآءَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه پياري نصيحت آهي۔ ڪوشش ڪريو! ڪثرت سان الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ جي عادت بڻايو! هڪ دفعو سُبْحٰنَ اللہ چوڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو، ڪڏهن وقت جو خيال رکي (مثلاً Stop watch هلائي) پڙهي ڏسو! هڪ سيڪنڊ ۾ 2 کان 3 دفعا آساني سان سُبْحٰنَ اللہ پڙهي سگهجي ٿو۔ يعني صرف سيڪنڊن جو ڪم آهي ۽ ان جو اجر ڪيڏو وڏو آهي؟ هڪ دفعو سُبْحٰنَ اللہ چوڻ سان جنت ۾ هڪ وڻ لڳي ويندو آهي۔ الله پاڪ اسان کي