Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
تون صبح ڪهڙي ڪيفيت ۾ ڪيو هو؟ عرض ڪيائين: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! صبح جڏهن ٿيو ته منهنجي ڪيفيت اِها هئي جو * منهنجي دل ۾ نيڪيءَ جي ۽ نيڪ ماڻهن جي محبت هئي * منهنجي دل چاهي پئي ته مان نيڪ ڪم ڪريان * پوءِ جيڪا نيڪي مون کان رهجي وئي، مان نه ڪري سگهيس، مون کي ان تي ڏُک ٿيو ۽ جيڪا نيڪي مون ڪري ورتي، پوءِ اُها ٿوري هئي يا گهڻي، مون کي ان تي ثواب ملڻ جو يقين ٿي ويو.
(يعني هي ڪُل 3 ڪم آهن: (1): نيڪي سان ۽ نيڪ ماڻهن سان محبت (2): نيڪ ڪم ڪرڻ جي چاهت (3): جيڪڏهن ڪا نيڪي نه ٿي سگهي ته ان تي ڏُک ٿيڻ). رسولِ ذيشان، مڪي مَدَني سلطان صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم حضرت زيدُنِ الْخيْر رَضِیَ اللہُ عنہ جو جواب ٻڌي ارشاد فرمايو: هِيْهِ! هٰذِہِعَلَامَةُ اللهِ فِيمَنْ يُّرِيدُ يعني ها! اِها ئي ڳالهه آهي، اِها ئي اُن شخص جي نشاني آهي جنهن کي الله پاڪ پسند فرمائيندو آهي ۽ الله پاڪ جي ناپسنديده ٻانهي جي نشاني اها آهي ته جيڪڏهن توکان ڀلائي جو ارادو نه ٿيندو ته تنهنجي لاءِ ان جي اُبتڙ ڪم ڪرڻ آسان ٿي ويندو، پوءِ الله پاڪ کي ان جي ڪا پرواهه نه هوندي ته تون ڪهڙي وادي ۾ هلاڪ ٿي رهيو آهين. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته الله پاڪ جو پسنديده ٻانهو، نيڪ ۽ سعادت مند ٻانهو اهو شخص آهي جنهن ۾ هي 3 نشانيون هونديون آهن (1): هُو نيڪيءَ سان به محبت ڪندو آهي ۽ نيڪ ماڻهن سان به محبت ڪندو آهي (2): هُو صرف نيڪَن جي ساراهه ڪرڻ تي ئي نه رهندو هجي بلڪ پاڻ به نيڪ بڻجڻ جي خواهش رکندو هجي (3): ۽ ٽين ڳالهه اِها ته جيڪڏهن الله نه ڪري ڪنهن سبب جي ڪري هُو نيڪي نه ڪري سگهيو ته ان محرومي تي کيس افسوس به ٿيندو آهي ته اهڙو شخص سعادت مند ٻانهو آهي.
هاڻي اسان پنهنجي باري ۾ غور ڪريون ته جيڪڏهن اِهي ٽيئي نشانيون