Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

ڪهڙي ٽولي ۾ آهيون؟ ڇا مان انهن مان آهيان جن کي ڏسي حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام مسڪرائي رهيا هئا يا انهن مان آهيان جن کي ڏسي پاڻ روئي رهيا هئا؟ اسان کي اِها خبر ڪيئن پوندي...؟ اچو ته هڪ حديث پاڪ ٻڌون ٿا: 

صحابيءِ رسول حضرت عبد اللہ بن مسعود رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان بارگاهِه رسالت ۾ حاضر هئاسين ته هڪ شخص آيو، ان جڏهن اسان کي ڏٺو ته پنهنجي سواري تان لٿو ۽ پيدل هلندي بارگاهِه رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! مان 9 ڏينهن جي مسافري کان آيو آهيان پر آيو اهڙي نموني آهيان جو مون اِهو رستو صرف 6 ڏينهن ۾ طئي ڪيو آهي، مان ڏينهن جو اڃارو رهيس، راتين جو جاڳندو رهيس(اهڙي طرح مون تيزي سان سفر ڪيو آهي ته جيئن جلد کان جلد اوهان جي خدمت ۾ پهچي وڃان، يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم!) منهنجي اچڻ جو اصل مقصد ٻه سوال آهن، جن منهنجي ننڊ ڦِٽائي ڇڏي آهي، بس مان انهن جا جواب چاهيان ٿو. 

پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ان خوش نصيب مسافر کان سندس نالو پڇيو، وراڻيائين: ‌اَنَا ‌زَيْدٌ نِ‌الْخَيْلِ يعني مان گهوڙي وارو زيد آهيان۔ رسولِ ذيشان، مڪي مَدَني سلطان صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: بَلْ اَنْتَ زَيْدٌ نِ الْخَيْرِ  (يعني تون گهوڙي وارو زيد نه) پر ڀلائي وارو زيد آهين۔ پوءِ فرمايائون: پڇو ڇا پڇڻو آهي؟ هاڻي ان صحابي رَضِیَ اللہُ عنہ ٻه انوکا سوال پڇيا، عرض ڪيائين: (1): هڪ اهڙو ٻانهو جيڪو الله پاڪ کي پسند آهي، ان جي نشاني ڪهڙي آهي؟ (2): ۽ ٻيو اِهو ته جنهن شخص کي الله پاڪ پسند نه فرمائيندو آهي، ان جي نشاني ڪهڙي آهي؟ 

هي ٻه عجيب سوال هئا، قربان وڃجي! غيب جون خبرون ڄاڻڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي علم تي، جيئن سوال انوکا هئا، تيئن پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم  انهن جا جواب به نرالا ئي عطا فرمايا، ارشاد فرمايائون: اي زيد!