Book Name:Shan o Ausaf e Muaviya
نيت ڪريو! * الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
مَحبُوب جي اَدا کي ادا ڪري رهيو آهيان
حضرت اَبو اُمَامه بن سہل بن حنيف رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا ته: هڪ دفعي حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ منبر تي تشريف فرما هئا ۽ مؤذن آذان ڏئي رهيو هو، مؤذن چيو: اللہُ اَکْبَرُ اللہُ اَکْبَرُ۔ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به چيو: اللہُ اَکْبَرُ اللہُ اَکْبَرُ۔ مؤذن چيو: اَشْہَدُ اَنْ لَّا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ۔ پاڻ چيائون: وَ اَنَا (يعني مان به شاهدي ڏيان ٿو ته الله پاڪ کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي)۔ مؤذن چيو: اَشْہَدُ اَنَّ مُحَمَّداً رَسُوْلُ اللہ۔ انهن به چيو: وَ اَنَا (يعني مان به شاهدي ڏيان ٿو ته مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله جا رسول آهن)۔ اهڙي طرح مؤذن آذان ڏيندو ويو، پاڻ آذان جو جواب ڏيندا ويا، جڏهن آذان مڪمل ٿي وئي ته پاڻ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي فرمايائون: اي انسانو...!! مون ڏٺو ته ائين ئي رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منبر تي تشريف فرما هئا، مؤذن آذان ڏئي رهيو هو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آذان جي جواب ۾ اهو ئي فرمايو جيڪو مون چيو آهي (ڇو ته آئون پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪ ادا کي ادا ڪندي آذان جو جواب ڏئي رهيو هيس)۔ ([1])
خائِفِ کبریا حضرت معاویہ عاشقِ مصطفےٰ حضرت معاویہ
خُوب رُوخوش ادا حضرت معاویہ خُوش نما خُوش لقا حضرت معاویہ
مخلص و باوَفَا! حضرت معاویہ باعَمَل بےریا حضرت معاویہ
جنّتی بےشُبہ! حضرت معاویہ باخُدا باصفا! حضرت معاویہ ([2])