Book Name:Shan o Ausaf e Muaviya
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! رجب شريف جو بابرڪت مهينو هلي رهيو آهي، نبين جا نبي، رسول هاشمي، مڪي مدني مُحمَّد عربي جو انداز مبارڪ هو ته جڏهن ماھِ رجب تشريف کڻي ايندو هو ته هي دعا فرمائيندا هئا:
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
ترجمو: اي الله پاڪ! تون اسان جي لاءِ رجب ۽ شعبان ۾ برڪتون عطا فرماءِ ۽ اسان کي رمضان تائين پهچاءِ. ([1])
اچو ته اسان به هيءَ دعا پڙهي وٺون:
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۔
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي گذارڻ جا ڪجھ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت. شهنشاههِ نبوت صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ (يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.) ([2])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): جيڪو واعدو پورو نه ڪندو آهي، ان جو ڪو ايمان نه آهي.([3]) (2): جيڪو مسلمان پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان واعدي خلافي ڪندو آهي ان تي الله پاڪ، ان جي ملائڪن ۽ سڀني انسانن جي لعنت آهي.([4])