Book Name:Shan o Ausaf e Muaviya
رکين ته تو تي ڪا به ملامت نه آهي ۽ ڏيڻ ۾ پنهنجي عيال کان شروعات ڪر ۽ مٿيو (يعني ڏيڻ وارو) هٿ هيٺين (يعني وٺڻ واري) هٿ کان بهتر آهي.([1])
هن حديث پاڪ جي شرح ۾ مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: يعني پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ مال خيرات ڪري ڇڏڻ، تنهنجي لاءِ ئي مفيد آهي ڇو ته ائين ڪرڻ سان تنهنجو ڪو به ڪم نه رڪجندو ۽ توکي دنيا ۽ آخرت ۾ ان جو بدلو ملي ويندو ۽ ان کي روڪي ڇڏڻ، تنهنجي لاءِ خراب آهي، ڇو ته اُها شيءِ ضايع ٿي ويندي ۽ تون ثواب کان محروم رهجي ويندين، ان ڪري ئي حڪم آهي ته نئون ڪپڙو وٺو ته پراڻو بيڪار ڪپڙو خيرات ڪري ڇڏيو، نئون بُوٽ جيڪڏهن رب ڪريم توهان کي ڏئي ته پراڻو بُوٽ جيڪو توهان جي ضرورت کان واڌارو آهي، اُهو ڪنهن فقير کي ڏئِي ڇڏيو ائين ڪرڻ سان توهان جي گهر جو ڪِچرو نڪري ويندو ۽ ان جو ڀلو ٿي ويندو. وڌيڪ فرمائن ٿا ته هن ۾ ٻه حڪم بيان ٿيا، هڪ اِهو ته جيڪو مال هن وقت ته واڌارو آهي، پر اڳتي هلي ان جي ضرورت پيش ايندي ته ان کي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، اڄ نفلي صدقو ڏئي سڀاڻي پاڻ ٻين کان نه گهُرو، ٻيو هي ته خيرات پهريان پنهنجن غريب مائٽن کي ڏيو، پوءِ ٻين کي ڇوته مائٽن کي ڏيڻ ۾ صدقو به آهي ۽ صلهءِ رحمي به آهي.([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان عظيم صحابيِ رسول حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي پيارن پيارن مبارڪ وصفن جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. * پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ نيڪين جا حريص، * تمام وڏا سخي * نهايت بردبار هئا. * پاڻ اهي عظيم هستي آهن جن کي حضرت جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام به سلام پيش ڪيو آهي. * پاڻ کي الله پاڪ جي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجي دعائن سان نوازيو* پنهنجي زبانِ اقدس سان کين جنت جون بشارتون عطا