Book Name:Shan o Ausaf e Muaviya
اختيار ڪيو ويندو هو ته اسان معاف ڪري ڇڏيندا هئاسين ۽ جڏهن اسان سان ڪو جهالت وارو وَرتاءُ ڪندو هو ته اسان حِلم جو مظاهرو ڪندا هئاسين.([1])
تُو عطا حِلْم کی بھیک کر دے میرے اَخلاق بھی ٹھیک کر دے
تجھ کو فاروق کا واسطہ ہے یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته فرمايو! حِلم (يعني بُردباري ۽ قوتِ برداشت) جا ڪيڏا نه اعليٰ فضائل آهن۔ پر افسوس! اڄڪلهه اسان وٽ قوتِ برداشت بلڪل گهٽ ٿيندي پئي وڃي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي ماڻهو ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويندا آهن، گاريون ڏيڻ لڳندا آهن، لڙايون ۽ جهڳڙا ٿي پوندا آهن بلڪ ڪيئي ڀيرا ته ڳالهه قتل تائين وڃي پهچندي آهي.
گهرن جي اندر ڏسو! * ٻار جي هٿن مان ڪو ٿانءَ ڪِري ڀڄي پئي ته، ان تي مائرون ڪاوڙ ڪنديون آهن، والدين دڙڪا ڏيڻ شروع ڪندا آهن * غلطيءَ سان چانهه هٿن مان ڪِري ڪپڙن تي هارجي وڃي پوءِ ته ڄڻ قيامت اچي ويندي آهي، ڪو فنڪشن وغيره هلي رهيو هجي ۽ ان ۾ جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ته ڪڏهن ڪڏهن ان جي ڪري پورو فنڪشن ئي خراب ٿي ويندو آهي، ان ننڍڙي ڳالهه تي ايترو ته تماشو ڪيو ويندو آهي جو چڱي ڀلي خوشين ڀري ماحول تي اداسي ڇانئجي ويندي آهي * گهروارِيءَ کان ڪا غلطي ٿي وئي* ڀاڄي سڙي وئي * کاڌي ۾ لوڻ وڌيڪ پئجي ويو * ڪپڙا اِستري ڪرڻ وقت سڙي ويا * ڪپڙا ڌوئڻ ۾ ڪا ڪَمي رهجي وئي، ڪو هلڪو داغ رهجي ويو. اسان وٽ اهڙين ننڍين ننڍين ڳالهين تي گهرن ۾ لڙايون ٿينديون آهن، جهيڙا جهٽا شروع ٿي ويندا آهن * ننڍي ڀاءُ کان ڪا غلطي ٿي وئي * موٽر سائيڪل ڪِري پئي * ڪو هلڪو ڦلڪو نقصان ٿي ويو