Book Name:Bhook Ke Fazail
پوندو آهي، پوءِ ان جي نتيجي ۾ ڪنھن کي دل جا مسئلا، ڪنھن جو جيرو خراب، ڪنھن کي آنڊن جا مسئلا ته ڪنھن جون بُڪيون (گردا) ڪم ڪرڻ ڇڏي ويندا آھن.
ٿورو کائو، تندرست رهو ...!!
امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته کاڌو کائڻ کان پهريان بُکَ جو ھجڻ ضروري آھي، جيڪو شخص کاڌو کائڻ وقت بکيو به ھجي ۽ اڃان بک باقي ھجي ته ھٿ روڪي ڇڏي ته اُهو ڪڏھن به طبيب جو محتاج نه ٿيندو.[1]
یاالہٰی! پیٹ کا قفلِ مدینہ کر عطا
از پئے غوث و رضا کر بھوک کا گوہَر عطا
کائو، پِيئو، پر اِسراف نه ڪريو!
پارو: 8، سُورَة اَعرَاف جي آيت: 31 ۾ ارشاد ٿيو آھي:
وَّ كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا وَ لَا تُسْرِفُوْا ۚ-اِنَّهٗ لَا یُحِبُّ الْمُسْرِفِیْنَ۠(۳۱) (پارو: 8، سورة اعراف: 31)
ترجمو ڪنزالعرفان: کائو، پيئو ۽ حد کان نه وڌو، بيشڪ هُو حد کان وڌڻ وارن کي پسند ناهي فرمائيندو.
مشھور مُفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته اِسراف جون ڪيتريون ئي تفسيرون آھن مثال