Bhook Ke Fazail

Book Name:Bhook Ke Fazail

جيئن ته سڀ ڪجھ ته جَهۡجَاه غِفاري کائي ويا ھئا، تنھنڪري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم اھا رات بک تي گذاري۔ ڏينھن ٿيو ته ھِي قبيلي وارا سڄو ڏينھن صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم سان گڏ رھيا ۽ دين جي تعليمات ٻڌندا رھيا، اسلام انھن جي دل تي اثر ڪيو ۽ سڀئي ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويا. رات ٿي وئي، سڀني مغرب جي نماز باجماعت ادا ڪئي. اڄ به رسولِ اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي فرمايو ته ھڪ ھڪ کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃو! حضرت جَهۡجَاه غِفاري رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جيڪي ھاڻي مسلمان ٿي چڪا ھئا ۽ صحابي بڻجي چڪا ھئا، کين اڄ به پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو مھمان بڻجڻ جي سعادت نصيب ٿي. ان جي لاءِ ھڪ ٻڪريءَ جو کير ڏُڌو ويو ۽ کين ڏنو ويو.

   سُبْحٰنَ اللہ! ڪالهه جيڪي ستن ٻڪرين جو کير ۽ سمورو کاڌو اڪيلا ئي کائي ويا ھئا، اڄ فقط ھڪ ئي ٻڪريءَ جي کير سان سِير ٿي ويا، ٻي ٻڪريءَ جو کير کين ڏنو ويو ته انھن پنهنجو ھٿ روڪي ڇڏيو. حضرت اُمِ اَيمَن رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جيڪي حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جون خادمه هيون، فرمائڻ لڳيون: يارسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! ھي اھو ئي ڪالهه وارو مھمان آهي نه؟ اڄ ايتري ٿوري ۾ ئي سِير ٿي ويو آھي؟ پاڻ سڳورن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: ها...؟ ھي اُھوئي آھي۔ اڄ ھن مومن جي آنڊي سان کاڌو آھي، ڪالهه ڪافر جي آنڊي سان کاڌو ھئائين، بيشڪ ڪافر ستن آنڊن سان کائيندو آهي ۽ مومن ھڪ آنڊي سان کائيندو آهي. (مسند ابن ابی شیبہ، جلد:2، صفحہ:108، حدیث:605۔ )