Bhook Ke Fazail

Book Name:Bhook Ke Fazail

۾ اسراف جون ٻه صورتون آھن: (1): بُکَ نه ھئڻ جي باوجود به کائڻ (2): خوب پيٽ ڀري کائڻ۔ لهٰذا جيڪو شخص انهن ٻنھي ڳالھين کان بچندو، يعني جڏهن کيس بک ھجي تڏهن ئي کائي ۽ اڃان بک باقي ھجي ته پنهنجو ھٿ روڪي ڇڏي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اُهو تندرست رھندو).

اُن غير مسلم وراڻيو: ٺيڪ آهي اِھو ته مڃي ورتو ته قرآن ڪريم ڪجهه ئي لفظن ۾ مڪمل علمِ طب (Medical Science) جو خلاصو بيان ڪري ڇڏيو آھي پر توھان جي نبي صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم  ان جي باري ۾ ڪجھ به نه فرمايو آهي، امام زين العابدين رَضِیَ اللّٰہ عَنْہُ     فرمايو: منھنجي نانا جان، ٻنهي جهانن جي سلطان صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم  جون هزارين حديثون آھن، پاڻ صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم  فقط ھڪ ئي حديث ۾ علمِ طب جو خلاصو بيان ڪري ڇڏيو آھي، جيئن ته حديث پاڪ ۾ آھي ته سڀ کان خراب ٿانءُ جنھن کي انسان ڀريندو آھي، اُهو سندس پيٽ آھي، ماڻھوءَ جي لاءِ صرف ڪجھ گرهه ئي ڪافي آھن، جيڪي ان جي پُٺِي سڌي رکن.([1]) ان غير مسلم ڊاڪٽر جڏهن هيءَ حديث پاڪ ٻڌي ته بي ساخته سندس زبان مان نڪتو: مَا تَرَکَ کِتَابُکُمْ وَلَا نَبِیُّکُمْ لِجَالِیْنُوْسَ طِبًّا يعني توھان جي ڪتاب ۽ توھان جي نبي صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم  جَالِيۡنُوس (جيڪو پنھنجي وقت جو تمام وڏو حڪيم ھو) جي لاءِ ڪجھ به نه ڇڏيو آهي، سموري طِبَ جو خلاصو بيان ڪري ڇڏيو آھي([2]).


 

 



[1]...ترمذی، کتابُ الزُّہْد، صفحہ:566، حدیث:2380۔

[2]...تفسیر قُرطبی، پارہ:8، سورۂ اَعْرَاف، زیرِ آیت:31، جلد:4، صفحہ:118۔