Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
اسان مختلف قسمن جي مسئلن ۾ ڦاٿل آهيون * ڪڏهن بيماري ايندي آهي * ڪڏهن تنگدستي ايندي آهي * ڪڏهن ٻارن جي ڳڻتي * ڪڏهن پنهنجو فڪر * ڪڏهن کاڌي پيتي جي پريشاني * ڪڏهن ڪمائڻ جو فڪر * اسان هزارين قسمن جي فڪرن ۽ مسئلن ۽ مصيبتن ۾ گهيريل آهيون، جڏهن ته اسان جون اميدون سالن جون آهن، اسان کي اِها خبر نه آهي ته سڀاڻي جو سج به ڏسنداسين يا نه، پر اسان وٽ منصوبابندي (Planning) 100 سالن جي هوندي آهي، خواب اسان وڏا وڏا سجائي رکيا آهن. افسوس! خبر نه آهي ته اِهي خواب پورا به ٿيندا يا نه، پر جيڪڏهن پورا ٿي به ويا، تڏهن به موت ته بهرحال اچڻو ئي اچڻو آهي، قبر ۾ ته لهڻو ئي لهڻو آهي، قيامت جي ڏيهن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيشي ته ٿيڻي ئي ٿيڻي آهي ...!! پر افسوس! قبر جي باري ۾، قيامت جي باري ۾، اسان وٽ ڪا به پلاننگ (Planning) نه آهي.
هڪ ٻي حديث پاڪ ٻڌو! ۽ غور ڪريو ته اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ڪئين نه سمجهايو آهي ته ڪنهن طرح اسان ڳالهه سمجهي وڃون ۽ ان تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:
مَثَلُ هَذِهِ الدُّنْيَا مَثَلُ ثَوْبٍ شُقَّ مِنْ اَوَّ لِهٖ اِلَى آخِرِهٖ
هن دنيا جو مثال هڪ ڪپڙي جيان آهي ۽ ڪپڙو به اهڙو جيڪو شروع کان آخر تائين ڪٽيل هجي.