Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

انسان، موت ۽ اميد جو مثال

صحابيءِ رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، فرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ چورس خانو (Square Box) ٺاهيو، ان جي اندر هڪ ليڪ پاتائون، پوءِ ان ليڪ جي ٻنهي پاسي ننڍيون ننڍيون ليڪون پاتائون، پوءِ ان خاني جي ٻاهران هڪ ليڪ ڪڍيائون، پوءِ فرمايائون: هيءَ (يعني خاني جي اندر واري هڪ ليڪ) انسان آهي ۽ هي (يعني ان جي چوڌاري چورس خانو) اِهو موت آهي، جنهن انسان کي گهيري رکيو آهي، هي ننڍيون ننڍيون ليڪون، مختلف آفتون آهن جيڪي انسان کي چُنبِڙِيل آهن، انسان هڪ کان بچي ويندو آهي ته ٻي کيس ڏَنگي (Sting) وجهندي آهي ۽ هيءَ (يعني خاني کان ٻاهر واري لڪير) انسان جي اميد آهي. ([1])

آتے ہوئے اذاں ہوئی، جاتے ہوئے نماز     اتنے قلیل وقت میں آئے اور چل دئیے

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته فرمايو! هن عبرتناڪ حديث پاڪ اسان جي حالتن جي پوري پوري عڪاسي ڪري ڇڏي آهي. واقعي موت اسان کي چئني پاسي کان گهيري رکيو آهي * اسان پنهنجي چوڌاري موجود موت جي سببن تي غور ڪريون ته * بجلي موت جو ذريعو آهي * اسان جي گاڏي موت جو ذريعو آهي * بيماري موت جو ذريعو آهي * اسان جو کاڌو اسان جي اندر وڃي زهر به بڻجي سگهي ٿو، تنهنڪري اهو به موت جو ذريعو آهي، اهڙي طرح غور ڪريون ته موت اسان کي چئني پاسي کان گهيري رکيو آهي ۽


 

 



[1]...بخاری، کتاب، الرقاق، باب فی الامل وطولہ،صفحہ:1581،حدیث:6417 خلاصۃً۔