Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

کي اهڙو مضبوط تَرو (Sole) لڳاءِ جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ته ڪڍي وڃي. 

هوڏانهن حضرت ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سندس پاسي ۾ ئي بيٺو مسڪرائي رهيو هو ته ڏسو ...!! هِي هڪ سال جي اميد لڳائي ويٺو آهي جڏهن ته سندس موت جو وقت اچي چڪو آهي. 

آگاہ اپنی موت سے کوئی بشر نہیں            سامان سو برس کا ہے پَل کی خبر نہیں

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جو حال به ذري گهٽ اهڙو ئي آهي * اسان نه ٿا ڄاڻون ته موت ڪڏهن اچڻو آهي؟ * خبر نه آهي ته ٻيو ساهه اسان کڻي به سگهنداسين يا نه * سڀاڻي جو سج ڏسڻ نصيب به ٿيندو يا نه؟ اسان نه ٿا ڄاڻون، پر اسان جون خواهشون، تمنائون ۽ ڊگهيون اميدون ڏسو ته ايندڙ ڪيترن ئي سالن جي منصوبابندي (Planning) ڪري ويٺا هوندا آهيون * پوڙهائپ واري عمر سٺي نموني گذارڻ جي لاءِ هاڻي کان ئي مال گڏ ڪري رهيا هوند اآهيون * بينڪ بيلنس (Bank balance) وڌائي رهيا هوندا آهيون * ايندڙ وقت جي لاءِ شيون ذخيرو (Storage) ڪري رهيا هوندا آهيون * ڪا ننڍڙي شيءِ به بازار مان خريد ڪرڻي هوندي آهي ته پڇندا آهيون ته: ڇا هن جي وارنٽي آهي؟  

جي ها! انهن شين جي ته وارنٽي آهي پر افسوس! اسان جي ڪا به وارنٽي نه آهي. اڄ جيڪا اسان مضبوط، پائيدار ۽ ڪيترن ئي سالن تائين هلڻ واري شيءِ خريد ڪري رهيا آهيون، ممڪن آهي ته اُها شيءِ اِتي ئي رهجي وڃي ۽ اسان موت جي ننڊ سمهي پئون.