Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

* ٻارُ ماءُ جي پيٽ ۾ ڪيترو عرصو رهندو، ان تي نه ماءُ جو اختيار (Authority) آهي، نه ٻار جو * جڏهن ٻار پيدا ٿي ويو، هاڻي هو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويندو يا جوانيءَ جي عمر تائين پهچندو؟ ان تي به اسان جو ڪو اختيار نه آهي * جوان ٿي ويو، هاڻي پِيرِي به ڏسندو يا نه، ان تي به اسان کي ڪو اختيار نه آهي، ڪيترائي اهڙا  آهن جيڪي ڦوهه جواني ۾ ئي موت جي وَر چڙهي ويندا آهن ۽ ڪيترائي اهڙا هوندا آهن، جيڪي پوڙها ٿي ويندا آهن، ويچارا ايترا ته ضعيف ۽ ڪمزور ٿي ويندا آهن جو موت گهرندا آهن پر کين موت نه ايندو آهي. 

هِي سڀ ان مالڪ ڪريم جا فيصلا آهن، هُو جنهن کي چاهيندو آهي، جيئن چاهيندو آهي، تيئن نوازيندو آهي. ان مان اسان کي ڪهڙو سبق ٿو ملي ...؟ اهو ئي ته: 

کوئی تو ہے جو نظامِ ہستی چلا رہا ہے، وہی خُدا ہے

دکھائی بھی جو نہ دے، نظر بھی جو آرہا ہے وہی خدا ہے

سفید اُس کا سیاہ اُس کا، نفس نفس ہے گواہ اُس کا

جو شعلہء جاں جلا رہا ہے، بُجھا رہا ہے ، وہی خدا ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                  صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

سامان 100 سالن جو  آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي واقعي ۾ جنهن پوڙهي شخص جو ذڪر ٿيو، ان جي انداز ۾ به اسان جي لاءِ سبق آهي۔ اهو شخص پيرسن هو، موچي کي چئي رهيو هو ته: جُتي