Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

معلوم ٿيو ته اسباب جا محتاج اسان ماڻهو  آهيون، اهو مالڪ ڪريم قادرِ مطلق آهي، ظاهري طور جتي سمورا اسباب  (Reasons) ختم ٿي ويندا آهن، ان جي قدرت اُتي به اسباب مهيا ڪري      ڇڏيندي آهي. 

وہ ہے منزہ شرکت سے                     پاک سکون و حرکت سے

کام ہیں اس کے حکمت سے                کرتا ہے سب قدرت سے

لَااِلٰہَ اِلَّا اللہ! آمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

وڏي عمر ماڻڻ به قدرت جي نشاني آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جو هي جيڪو 5، 6 فٽ جو وجود آهي، ان تي به الله پاڪ جي قدرت ئي ڪم ڪندي آهي، اسان جو ان تي به اختيار نه هلندو آهي۔ الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي: 

وَ نُقِرُّ فِی الْاَرْحَامِ مَا نَشَآءُ اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى ثُمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُمَّ لِتَبْلُغُوْۤااَشُدَّكُمْۚ-وَ مِنْكُمْ مَّنْ یُّتَوَفّٰى وَ مِنْكُمْ مَّنْ یُّرَدُّ اِلٰۤى اَرْذَلِ الْعُمُرِ (پارو: 17، سورة حج : 5)

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ اسان مائِرُن جي پيٽ ۾ جنهن کي چاهيون ان کي هڪ مقرر وقت تائين رهائيندا آهيون پوءِ توهان کي ٻار جي صورت ۾ ڪڍندا آهيون پوءِ (عمر ڏيندا آهيون) ته توهان جوانيءَ کي پهچو ۽ توهان مان ڪو پهريان ئي مري ويندو آهي ۽ ڪو سڀ کان نِڪَمِي عمر ڏانهن موٽايو ويندو آهي.