Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
ماڻيائين، پوڙهائپ تائين پهتو، جنهن جي ڊگهي اميد کي ڏسي تو مسڪرايو هو.[1]
پہلوانوں کو پچھاڑا موت نے کھیل کتنوں کا بِگاڑا موت نے
ہاتھی جیسے بھی نہ چھوڑے موت نے کیسے کیسے گھر اُجاڑے موت نے
قبر میں میّت اُترنی ہے ضرور جیسی کرنی، ویسی بھرنی ہے ضرور
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله جي قدرت جو به ڇا شانُ آهي ...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي تي غور ڪريو! هن مان اسان کي ٻه ڳالهيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون:
(1): سڀ کان پهريان ته الله پاڪ جي قدرت ڏسو! هڪ کير پياڪ ٻار آهي، هڪ ان جي ماءُ آهي، وچ ريگستان ۾ آهن، پري پري تائين ڪو به موجود نه آهي۔ ان حالت ۾ ماءُ جو به انتقال ٿي ويو۔ هاڻي سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ٻار کي ڪنهن کنيو هوندو؟ ريگستاني جانورن کان ڪنهن بچايو هوندو؟ پرورش ڪنهن ڪئي هوندي...؟
اسان جي گهرن ۾ ٻار موجود آهن * انهن جي پرورش به ٿي رهي آهي * ڪجهه ظاهري اسباب به موجود آهن * سارَ سنڀال لهڻ لاءِ ماءُ به موجود آهي * ڪمائي آڻڻ لاءِ والد صاحب به موجود آهي، ان ٻار وٽ وچ ريگستان ۾ ڪير هو؟ ڪو به نه هو. پوءِ به اهو ٻار جيئرو بچي ويو ۽ زندگيءَ جا ڪيترائي سال گذاري پوڙهائپ کي به پهچي ويو.