Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

اي عاشقان رسول! سمهڻ کان پهريان بستري کي چڱي طرح ڇَنڊيو ته جيئن ڪو ڪيڙو وغيره هجي ته نڪري وڃي. * سمهڻ کان پهريان هيءَ دعا پڙهي وٺو: اَللّٰھُمَّ بِاسْمِکَ اَمُوْتُ وَ اَحْیَا يعني اي الله پاڪ! مان تنهنجي نالي سان ئي مرندو آهيان ۽ جيئندو آهيان(يعني سمهندو ۽ جاڳندو آهيان) * ڏينهن جي شروعات واري حصي ۾ سمهڻ يا مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ سمهڻ مڪروه آهي. * ٻن پهرن جو قيلوله ڪرڻ (يعني ٿوري دير ليٽڻ) مستحب آهي. * سمهڻ ۾ مستحب هي آهي ته باوضو سمهو ٿوري دير ساڄي پاسي تي ساڄو هٿ پنهنجي ڳَلَ جي هيٺان رکي قبلي رخ سمهو ان کان پوءِ کاٻي پاسي تي سمهو. * سمهڻ وقت قبر ۾ سمهڻ کي ياد ڪريو ته اتي اڪيلو سمهڻو پوندو سواءِ پنهنجن عملن جي ڪو به گڏ نه هوندو. * سمهڻ وقت يادِ خدا ۾ مشغول رهو تهليل، تسبيح ۽ تحميد پڙهندا رهو (يعني لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا اللہُ، سُبْحَان َاللہِ، ۽ اَلْحَمْدُللہِ جو ورد ڪندا رهو) ايسيتائين جو ننڊ اچي وڃي ڇوته جنهن حالت تي انسان سمهندو آهي ان ئي حالت تي اٿندو آهي ۽ جنهن حالت تي مرندو آهي قيامت جي ڏينهن ان ئي حالت تي اٿاريو ويندو. * ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ هيءَ دعا پڙهو: اَلْحَمْدُلِلہِ الَّذِیْ اَحْیَانَا بَعْدَ مَا اَمَاتَنَا وَ اِلَیْہِ النُّشُوْرُ يعني سڀئي تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن اسان کي مارڻ کان پوءِ جياريو آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽي وڃڻو آهي. * ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ مسواڪ ڪريو. * رات جو اٿي تهجد ادا ڪجي ته تمام وڏي سعادت جي ڳالهه آهي. ([1])

میں سو جاؤں یا مصطفےٰ کہتے کہتے               کھلے آنکھ صَلِّ علیٰ کہتے کہتے

 


 

 



[1]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:38ـ40۔