Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
چانهه پي رهيو هئس ته سنتن ڀريو لباس پهريل هڪ اسلامي ڀاءُ منهنجي ويجهو آيو، نهايت گرمجوشيءَ سان هٿ ملايائين ۽ چيائين: پيارا ڀاءُ! ٻاهر چوڪ تي درس ٿي رهيو آهي۔ اوهان چند منٽ عنايت فرمايو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ سارين نيڪين جو خزانو هٿ ايندو۔ مان انهن جي خوش اخلاقي ۽ ملنساري کان متاثر (Impress) ٿي هٿو هٿ انهن سان گڏ هلي پيس۔ ٻاهر هڪ اسلامي ڀاءُ فيضانِ سنت مان درس ڏئي رهيا هئا، ٻين اسلامي ڀائرن جيان مان به درس ٻڌڻ ۾ مصروف ٿي ويس، درس ٻڌي منهنجي دل چوٽ کاڌي، مون سچي دل سان توبهه ڪئي ۽ اسلامي ڀائرن جي صحبت اختيار ڪري ورتي، جنهن جي برڪت سان ڪڏهن سنتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت ته ڪڏهن قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سفر ڪرڻ نصيب ٿيڻ لڳو۔ آهستي آهستي مان ديني ماحول جي ويجهو ٿيندو ويس، آخرڪار هوٽلن جي زينت بڻجڻ وارو نوجوان چوڪ درس جي برڪت سان اَلحَمۡدُلله! عاشقان رسول سان گڏ مسجد ۾ وقت گذارڻ وارو بڻجي ويس. ([1])
عطائے حبیبِ خدا دینی ماحول ہے فَیضانِ غوث و رضا دینی ماحول
سَنور جائے گی آخرت ان شاء اللہ تم اپنائے رکّھو سدا دینی ماحول ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد