Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
موجود نه هو۔ ان عورت جو روح قبض ڪرڻ وقت مون کي ٻار تي تمام گهڻو رحم آيو ۽ مون روئي ڏنو هو، بهرحال! حڪم هو، روح ته قبض ڪرڻو ئي هو، تنهنڪري مان ان ٻار کي اتي ئي ڇڏي سندس ماءُ جو روح قبض ڪري آيس. اڄ اوچتو ان ٻار بابت سوچيندي مون کي روئڻ اچي ويو.
عرض ڪيائين: اي مالڪ ڪريم! منهنجي روئڻ جو اهو ئي سبب هو. مسڪرايو ان ڪري هو جو هڪ دفعي مان هڪ شخص جو روح قبض ڪرڻ لاءِ پهتس، هو تمام گهڻو پيرسن هو، سندس چيلهه چِٻي ٿي چڪي هئي، لَٺِ جي سهاري هلي رهيو هو، جڏهن مان ان جو روح قبض ڪرڻ پهتس، ته ان وقت هو هڪ موچِيءَ (Cobbler) وٽ ويٺو هو، ان جو چَپَل ڇِڄِي پيو هو، هُو موچي کي چئي رهيو هو ته منهنجي جُوتي کي اهڙو مضبوط تَرو (Sole) لڳاءِ! جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ته هلي وڃي.
ان کي ڏسي مون مسڪرائي ڏنو ته ڏسو ته سهي ڪيترو پوڙهو ٿي چڪو آهي، مان اِجهو سندس روح قبض ڪرڻ وارو آهيان ۽ هي هڪ سال جيئرو رهڻ جي اميد لڳائي ويٺو آهي. اڄ ان ئي پوڙهي شخص (Old Man) جي باري ۾ سوچي مون ٻيهر مسڪرائي ڏنو.
الله پاڪ فرمايو: اي ملڪ الموت...!! اِنَّ الَّذِیْ اَبْکَاکَ ہُوَ الَّذِیْ اَضْحَکَکَ يعني بيشڪ جنهن توکي روئاريو هو، اهوئي آهي جنهن توکي کلايو آهي.
يعني اي ملڪ الموت! اهو ٻار جنهن تي رحم کائي توکي روئڻ آيو هو، هِي پوڙهو شخص اُهوئي ٻار هو جيڪو وڏو ٿيو، ڊگهي عمر