Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: درس
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد للہ! اڄ جي هن پرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوت اسلامي امت کي نيڪ نمازي ۽ سنتن جو پابند بڻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروفِ عمل آهي، اوهان به دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم درس به آهي.
مسجد، چوڪ، مارڪيٽ بالخصوص گهر ۾ جتي جتي به موقعو ملي درس ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو! ڏئي نه سگهو ته ان ۾ شرڪت ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علم دين سکڻ جو موقعو ملندو* مسجد درس ۾ شامل ٿيڻ جي صورت ۾ اوتري دير مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ نصيب ٿيندو * گهر کان ئي درس ۾ شرڪت جي نيت ڪري نڪرندو ته راههِ علم دين ۾ هلڻ جو ثواب ملندو * اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مخلوقات ايسيتائين جو درياءَ جون مڇيون به دعا ڪنديون۔ اچو ته ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
حيدرآباد، سنڌ جي رهواسي هڪ اسلامي ڀاءُ پنهنجو واقعو ڪجهه هن طرح بيان ڪيو ته: هڪ ڏينهن مان ڪنهن هوٽل تي ويهي