Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
پيارا اسلامي ڀائرو! رجب شريف جي 6 تاريخ تي برِّصغير (Subcontinent) جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عرس شريف ٿيندو آهي. پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 537 هجري ۾ پيدا ٿيا * نالو مبارڪ حسَن آهي، جڏهن ته غريب نواز، سلطانُ الھند، وارثُ النّبي، عطاءِ رسول وغيره سندن مشهور لقب آهن. * پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه والد ۽ والده ٻنهي طرفن کان سيدزاده آهن. * ظاهري ۽ باطني علوم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هند جي علائقي اجمير ۾ علم ۽ معرفت جو فيضان تقسيم ڪندي، 96 سالن جي عمر ۾، 6 رجب، 627 هجري، سومر جي صبح جو فجر جي وقت انتقال فرمايائون. انتقال جي وقت پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نوراني پيشاني تي لکيل هو: ھَذَا حَبِیْبُ اللہِ مَاتَ فِی حُبِّ اللہِ يعني هي الله جو محبوب ٻانهو، الله جي محبت ۾ وصال ڪري ويو.
تمام عاشقانِ خواجه، خواجه حضور جي عرس مبارڪ جو اهتمام ڪريو، اِنْ شَاءَ اللهُ الْڪَرِيم! دعوتِ اسلامي جي زيرِ اهتمام مختلف هنڌن تي عرسِ خواجه حضور جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. جن کان ٿي سگهي، انهن اجتماعن ۾ شرڪت ڪريو. الله پاڪ اسان کي اولياءَ الله جي فيضان مان حصو نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ